Sunday, January 2, 2011

گھوٽڪي مان شگر ملز جو ملازم اغوا، ضلعي جا 13 مغوي اڳ ئي ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل

گھوٽڪي مان شگر ملز جو ملازم اغوا، ضلعي جا 13 مغوي اڳ ئي ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل
اسلام آباد کان پنهنجي گهر اوٻاوڙو ايندي اغوا ٿيل انساني حقن جو ڪارڪن شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊرائيور حاڪم سمون اڃا تائين بازياب ناهن ٿيا

گھوٽڪي (ن ڪ) گھوٽڪي ۾ نئين سال جي پھرين ڏينھن تي اغوا جي واردات، ھٿياربندن گھوٽڪي شگر ملز جي اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ کي اغوا ڪري ويا، وارثن کان 30 لک رپيا ڀنگ طلب، ضلعي مان اغوا ٿيل ماڻھن جو تعداد 14 ٿي ويو، ان سلسلي ۾ گهوٽڪي ويجهو قائم شگرملز يونٽ(3) جو اسسٽنٽ
اڪائونٽنٽ ڪليم الله دشتي  شگرملز مان پنهنجي گهر صادق آباد ويندي اغوا ٿي ويو، جنهن بابت سندس ڀائرن شگرملز پهچي انتظاميا کي ٻڌايو ته اسان کي ڪليم الله جي فون تي نامعلوم ماڻهن فون ڪري 30 لک رپيا ڀنگ گهريو آهي، جڏهن ته شگرملز انتظاميا اهو چئي کين موٽائي ڇڏيو ته ڪليم الله ملز مان اغوا ناهي ٿيو، جنهن ڪري اسان اوهان جي ڪابه مدد نه ٿا ڪري سگهون، هوڏانهن ڪاوش کي ملز جي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب شگر ملز جو اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ ڪليم الله دشتي شگر ملز ۾ آيل هڪ زميندار سان گڏ ڪار تي صادق آباد
روانو ٿيو جيڪو ڏهرڪي ۾ هڪ بئنڪ ۾ ڪم ھئڻ جو چئي ڪار مان لٿو، ذريعن موجب ڄاڻايل زميندار اهڙي حقيقت ملز جي انتظاميا کي ٻڌائي، جنهن بعد ملز انتظاميا پاڻ ۾ گڏجاڻي ڪري مامري کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ رابطي تي ايس پي جاچ گهوٽڪي يار محمد رند ۽ ايس پي او گهوٽڪي گل حسن لوهر ڪاوش کي ٻڌايو ته اسان کي ڪليم الله جي گم ٿيڻ بابت خبر پئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا، هوڏانهن ڪليم الله جي اغوا بعد گهوٽڪي جي اغوا ٿيل ماڻهن جو انگ 14 ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ڪنڌڪوٽ مان پنهنجي ڳوٺ ڳڙهي چاڪر ايندي اغوا ٿيل بشيراحمد، الهوسايو، زينل گل محمد ۽ شبير احمد بوزدار، گهوٽڪي ويجهو محمد پور مان گهوٽڪي ايندي اغوا ٿيل پيءُ پٽ حافظ شمس الدين ۽ ظهير احمد چاچڙِ، گهوٽڪي ويجهو جهانپور ميلي تي ايندي اغوا ٿيل مولابخش مهر عرف مولو مهر ۽ اڪبر سيال ۽ خانپور مهر جو اغوا ٿيل شويم ڪمار شامل آهن، جڏهن ته اسلام آباد کان پنهنجي گهر اوٻاوڙو ايندي اغوا ٿيل انساني حقن جو ڪارڪن شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊرائيور حاڪم سمون ۽  ڪراچي کان پنهنجي ڳوٺ گهوٽڪي ايندي اغوا ٿيل جسقم ڪارڪن عبدالقيوم اوڳاهي به اڃا تائين بازياب ناهن ٿيا، هوڏانهن گهوٽڪي جي نئين ڊي پي او پيرمحمد شاهه چارج سنڀالڻ بعد سڄي ضلعي جي ايس پي اوز، ايس پي جاچ ۽ جاچ پوليس جي ايس آءِ اوز سان پنهنجي آفيس ۾ گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ ڊي پي او کنڀڙا گهوٽڪي خانپور مهر جي ايس ايڇ اوز کي هدايتون ڪيون، ڏوهارين سان ڪنهن به قيمت تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو وڃي، ھوڏانھن جسقم ڪارڪن عبدالقيوم اوڳاهي جي ڀاءُ پپو اوڳاهي ڪاوش کي ٻڌايو ته امڙ ڪجهه ڏينهن کان عبدالقيوم بابت پڇا ڪندي بيهوش ٿي وئي، کيس بيهوشيءَ جي  حالت ۾ شيخ زيد بن اسپتال رحيم يارخان کڻائي وياسين پر کيس ٽن ڏينهن تائين هوش نه آيو، اسپتال جي ڊاڪٽرن کيس لادوا قرار ڏئي ڇڏيو آھي، ٻئي طرف خانپور مھر واري نمائندي موجب 24 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل معصوم ٻالڪ شويم ڪمار جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، مغوي جي پيءُ درشن لال ٻڌايو ته پوليس اڃا معصوم پٽ کي ڌاڙيلن کان آزاد نه ڪرايو آهي، خبر ناھي ته منهنجو پٽ ڪهڙي حال ۾ آھي ۽  ڪٿي آهي، هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارڙي جي بازيابي لاءِ ڪوششون هلندڙ آهن،  جڏهن ته 24 ڏينهن گذرڻ  باوجود ڪوبه چونڊيل نمائندو لڙي ناھي آيو.

Ref: 

The Kawish Group of Publication

B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com 

No comments:

Post a Comment