Monday, May 23, 2011

گهوٽڪي مان اغوا ٿيل 5 ڄڻا اڃا ڌاڙيلن وٽ قيد، پوليس بازيابيءَ خاطر ڪو تحرڪ نه ورتو

گهوٽڪي(رپورٽ:الهورايو بوزدار) 2سيپٽمبر 2010ع تي اسلام آباد کان ڳوٺ اوٻاوڙو ايندي انساني حقن جي هڪ تنظيم جو ڊائريڪٽر شبير قمبراڻي ۽ ڪار ڊرائيور حاڪم سمون سميت اغوا ٿي ويو، سندس وارثن طرفان عدالتي حڪم تي اوٻاوڙي ٿاڻي تي ٻنهي جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو ويو، جنهن تي جاچ پوليس گهوٽڪي ٻنهي ڄڻن کي پنجاب جي ضلعي مظفرڳڙهه مان اغوا ڄاڻائيندي  ڪيس مان هٿ ڪڍي ڇڏيا بعد ۾ مغوي شبير جي ڀاءُ خان محمد طرفان پنجاب هاءِ ڪورٽ جي ملتان بينچ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي، جنهن تي ملتان بينچ ملتان ۽ مظفر ڳڙهه جي ڊي پي اوز کي حڪم ڏنو ته  مغوين جي ڳولا ڪئي وڃي پر هن وقت تائين سنڌ توڙي پنجاب جي پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي

Thursday, January 20, 2011

گهوٽڪي مان اغوا ٿيل پيءُ پٽ بازياب،ٻالڪ شويم ڪمار سميت 5 ڄڻن جو اڃا پتو نه پيو


گهوٽڪي مان اغوا ٿيل پيءُ پٽ بازياب،ٻالڪ شويم ڪمار سميت 5 ڄڻن جو اڃا پتو نه پيو
شبير قمبراڻي، حاڪم سمون ۽ قيوم اوڳاهي جو پتو ناهي پيو
گهوٽڪي(رپورٽ: الهورايو بوزدار) گهوٽڪي مان اغوا ٿيل پيءُ پٽ بازياب، ٻالڪ شويم ڪمار ۽ گم ڄاڻايل 4 ڄڻن جو اڃا پتو نه پيو، ان سلسلي ۾ گيمڙو ويجهو ڇتي ڍنڍ وٽ هڪ مهينو اڳ گهوٽڪي ويجهو اغوا ٿيل محمد پور لڳ ڳوٺ حاجي محمد يقوب چاچڙ جي رهواسي پيءُ پٽ حافظ شمس الدين ۽ سندس پٽ ظهيراحمد چاچڙ کي بازياب ڪرائي ورتو، بازياب ٿيل يرغمالين جي موجودگي ۾ ايس پي جاچ گهوٽڪي يار محمد رند ايس پي او گهوٽڪي

Tuesday, January 18, 2011

Agencies to face cases if missing persons not found: SC

Agencies to face cases if missing persons not found: SC
ISLAMABAD: The Supreme Court on Monday ruled that all state functionaries and agencies are subject to law and Constitution, hence they are supposed to act only in accordance with law and to obey the command of the Constitution.
A two-member bench of the apex court, comprising Justice Raja Fayyaz Ahmed and Justice Anwar Zaheer Jamali, was hearing identical petitions filed by the Human Rights Commission of Pakistan and others about the missing persons. The Supreme Court directed the defence and interior secretaries to ensure their presence before the court on each date of hearing pertaining to the missing persons.
“It appears that interior and defence secretaries are directly or indirectly accused in the matter in hand; therefore, in order to guarantee the fundamental rights of the people, they are required to ensure their presence in the court on each date of hearing,” the SC said in its order.

Monday, January 17, 2011

شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊرائيور حاڪم سمون جو ڪو به پتو ناهي پئجي سگهيو

گهوٽڪي مان گم ٿيل سيپڪو ملازم اغوا ٿيڻ جي تصديق، 2 مغوي بازياب، 8 ڄڻن جو پتو نه پيو
جڏهن ته شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊرائيور حاڪم سمون ۽ جسقم جي ڪارڪن
 عبدالقيوم اوڳاهي جو ڪو به پتو ناهي پئجي سگهيو.


گهوٽڪي/اوٻاوڙو/ميرپور ماٿيلو (نمائندن وٽان) گهوٽڪي مان گم ٿيل سيپڪو ملازم جي اغوا جي تصديق، ماڇڪو وٽان اغوا ٿيل 2 ڄڻا بازياب، 8 ڄڻن جو پتو نه پيو، ان سلسلي ۾ سکرکان اوٻاوڙو ايندي 3  ڏينهن اڳ گم ٿيل سيپڪو ملازم عبدالغني مهر جي اغوا جي تصديق ٿي آهي، ان ڏس ۾ سيپڪو ملازم جي پٽ محمد ايوب مهر ٻڌايو ته منهنجو پيءُ 3 ڏينهن اڳ سکر مان بدلي ٿي گهوٽڪي آفيس ويل هو، بعد ۾ اسان کي فون آيو آهي ته اوٻاوڙو تعلقي مان کيس اغوا ڪيو ويو

Saturday, January 15, 2011

اوٻاوڙو جو نوجوان بازياب، 8 ڄڻا اڃا گم، سنڌ-پنجاب جي 4 ضلعن جي پوليس طرفان گڏيل آپريشن جو فيصلو

اوٻاوڙو جو نوجوان بازياب، 8 ڄڻا اڃا گم، سنڌ-پنجاب جي 4 ضلعن جي پوليس طرفان گڏيل آپريشن جو فيصلو 
گھوٽڪي/اوٻِاوڙو/ميرپورماٿيلو (نمائندن وٽان) اوٻاوڙو جو نوجوان بازياب، ضلعي جي 8 ماڻھن جو پوليس پتو لڳائي نه سگھي، سنڌ پنجاب جي 4 ضلعن جي پوليس طرفان گڏيل آپريشن جو فيصلو، اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ سوني چاچڙ مان چار ڏينهن اڳ اغوا ٿيل 20 سالن جي نوجوان علي گوهر چاچڙ هٿياربندن جي چنبي مان بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي، اوٻاوڙو

Thursday, January 13, 2011

خانپور مهر جي ٻالڪ ۽ اوٻاوڙو واسي 2 ڄڻن کي پوليس بازياب ڪرائي نه سگهي

خانپور مهر جي ٻالڪ ۽ اوٻاوڙو واسي 2 ڄڻن ک
ي پوليس بازياب ڪرائي نه سگهي
شبير احمد قمبراڻي جي ۽ سندس ڊرائيور حاڪم سمون 4 مهينا گذرڻ باوجود
 سندن ڪو به ڏس پتو نه پيو آهي
نه سگهي، وارث مايوس، ان سلسلي ۾ خانپورمهر مان اغوا ٿي ويل شويم ڪمار 35 ڏينهن گذرڻ جي خانپور مهر/اوٻاوڙو (نمائندن وٽان) خانپور جي ٻالڪ ۽ اوٻاوڙو واسي 2 ڄڻن کي پوليس بازياب ڪرائي باوجود پوليس کيس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، جڏهن ته پوليس مغوي ٻارڙو شويم ڪمار جي وارثن کان ڀنگ طلب ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل سوجهرومهر جي ڳوٺ سعيد مهر تي پوليس ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي آهي پوليس ذريعن جو چوڻ آهي جيستائين مغوي شويم ڪمار جي وارثن کان ڀنگ

Monday, January 3, 2011

ميرپورماٿيلو ايندي اغوا ٿيل 5 ڳوٺاڻا ۽ شگر ملز جو ملازم بازياب، گهوٽڪي ضلعي جا 9 ڄڻا اڃا تائين ڌاڙيلن وٽ يرغمال

ميرپورماٿيلو ايندي اغوا ٿيل 5 ڳوٺاڻا ۽ شگر ملز جو ملازم بازياب گهوٽڪي ضلعي جا 9 ڄڻا اڃا تائين ڌاڙيلن وٽ يرغمال

اسلام آباد کان اوٻاوڙو ۽ ڪراچي کان گهوٽڪي ايندي اغوا ٿيل انساني حقن جي تنظيم جا ڪارڪن شبير قمبراڻي۽ حاڪم سمون  اڃا تائين لاپتا بڻيل آهن.

گهوٽڪي/ميرپورماٿيلو (نمائندن وٽان) هفتو اڳ ميرپورماٿيلو ايندي اغوا ٿيل 5 ڳوٺاڻا ۽ 2 ڏينهن اڳ کنڀجي ويل گهوٽڪي شگر ملز جو ملازم بازياب ٿي گهر پهچي ويا، خانپور مهر واسي معصوم نينگر شويم ڪمار سميت گهوٽڪي ضلعي جا 9 ماڻهو اڃا تائين ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن، ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب هڪ هفتو اڳ ڪنڌڪوٽ مان واپس ميرپورماٿيلو ايندي کنڀڙا پوليس ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويل 5 ڳوٺاڻا بشير احمد بوزدار، الهوسايو بوزدار، زين الله بوزدار، گل محمد لاٽڪي ۽ شبير احمد چنڙ بازياب ٿي پنهنجي ڳوٺ ويا آهن، ان سلسلي ۾ ايس پي جاچ گهوٽڪي يار محمد رند پنهنجي آفيس ميرپورماٿيلو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پوليس جي دٻاءُ ۾ اچي ڌاڙيل مغوي ڳوٺاڻن کي ڇڏي ڏنو آهي، هوڏانهن بازياب ٿيل ڳوٺاڻن ڪاوش کي ٻڌايو ته اسان جي اغوا ۾ کنڀڙا پوليس ملوث آهي، هنن چيو ته اسين جڏهن ڪنڌ ڪوٽ کان واپس اچي رهيا هئاسين ته اسان کي کنڀڙا پوليس ٿاڻي جي حد مان 6هٿيار بندن اغوا ڪيو، هنن چيو ته اسان ڌاڙيلن کي سامهون ڏسندي پنهنجا پئسا گاڏي جي سيٽن هيٺان لڪائي ڇڏيا ۽ ڌاڙيل ڦر ڪرڻ بدران اسان کي اغوا ڪري ويا، هنن چيو ته ان وقت اسان کي سامهون پوليس به نظر آئي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته پوليس اسان جي اغوا ۾ ملوث آهي، هنن چيو ته اسان جي ڪار ۽ پئسا پوليس وٽ آهن، هنن وڌيڪ چيو ته ڌاڙيل اسان کي پيادل کڻي ويا ۽ اسان کي ڪمند جي فصل ۾ رکيو ويو، هنن چيو ته ٻن ڏينهن تائين اسان کي ماني به نه کارائي وئي سخت سردي سبب بيمار ٿي پيا آهيون، ڌاڙيل سخت مارڪٽ ڪندا هئا ۽ مختلف وقتن تي هنڌ تبديل ڪندا رهندا هئا هنن چيو ته ڌاڙيل پرهه ڦٽي کان اڳ ۾ داد لغاري پوليس ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ غلام حسين لغاري وٽ اسان کي ڇڏي پاڻ فرار ٿي ويا، هوڏانهن ڄاڻ ملي آهي ته مغوين جي بازيابي راڄوڻي ڪوششن سبب ٿي آهي ۽ علائقي ۾ چئوٻول آهن ته مغوي ڀنگ ڀري آزاد ٿيا آهن، ٻئي طرف 2 ڏينهن اڳ جي ڊي ڊبليو يونٽ ٿري شگرملز گهوٽڪي جي اغوا ٿيل اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ ڪليم الله دشتي کي پوليس يارولنڊ ٿاڻي جي حد مان بازياب ڪرايو آهي ان سلسلي ۾ ايس پي جاچ ڪاوش کي ٻڌايو ته پوليس جي دٻاءَ تحت ڪليم الله کي بازياب ڪرايو ويو آهي، هوڏانهن ڪاوش کي مليل ڄاڻ موجب ڪليم الله کي  فون تي دوکي سان گهرائي يرغمال بڻايو ويو هو، ذريعن موجب ڪليم الله رات جو وجهه وٺي ڌاڙيلن وٽان ڀڄي يارولنڊ ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ پهتو، جتان ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو، اهڙي اطلاع تي ڊي پي او گهوٽڪي پيرمحمد شاهه جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالا ڄاڻايل ڳوٺ پهتا جتان ڪليم الله کي کڻي ميرپور ماٿيلي آندو ۽ سندس وارثن ۽ شگرملز انتظاميا کي سندس بازيابي بابت اطلاع ڏنو، هوڏانهن خانپور مهر مان 8 ڊسمبر تي اغوا ٿيل معصوم ٻالڪ شويم ڪمار جي بازيابي جي سلسلي ۾ ڪالهه ٻالڪ جي والدين سورج ڪمار جي اڳواڻي ۾ گهوٽڪي جي نئين مقرر ٿيل ڊي پي او پيرمحمد شاهه سان ملاقات ڪئي، جنهن بابت سورج ڪمار ڪاوش کي ٻڌايو ته ڊي پي او ٻن ٽن ڏينهن اندر ٻارڙي جي بازيابي جو دلاسو ڏنو آهي پر پوليس جي ڪوششن مان محسوس نه ٿو ٿئي ته شويم ڪمار جي بازيابي جي لاءِ پوليس سنجيده آهي، هن چيو ته معصوم ٻارڙي تقريبن 25 ڏينهن گذري ويا آهن خبر ناهي هو ڪهڙي حال ۾ هوندو هن چيو ته پوليس گرفتاريون به پنهنجي ليکي ڪري پئي اسان کي خبر ناهي ته ڪنهن ڪنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ٻارڙي شويم جي بازيابي جي سلسلي ۾ هن وقت تائين تڪ جي چونڊيل نمائندن طرفان ڪوبه تحرڪ نه ورتو ويو آهي جڏهن ته مختلف حلقا ان عمل تي به حيران آهن ته تڪ جي ايم پي اي جا اغوا ٿيل برادري جا ماڻهو 5 ڏينهن اندر بازياب ٿي سگهن ٿا ته سندس تڪ جي معصوم ٻالڪ جي بازيابي ڇو نٿي ٿي سگهي، هوڏانهن معصوم ٻالڪ جي بازيابي جي حوالي سان خانپور مهر ۾ اثر رسوخ رکندڙماڻهن جي خاموشي به سوال بڻيل آهي، ٻئي طرف گهوٽڪي ويجهو محمد پور کان گهوٽڪي ايندي اغوا ٿيل حافظ شمس الدين ۽ سندس پٽ ظهير احمد چاچڙ گهوٽڪي ويجهو اغوا ٿيل مولو مهر ۽ اڪبر سيال پڻ اڃا تائين ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن جڏهن ته ٻه سال اڳ گهوٽڪي مان لاپتا ٿيل ٻارڙو يوسف ميربحر پڻ لاپتا آهي، هوڏانهن اسلام آباد کان اوٻاوڙو ۽ ڪراچي کان گهوٽڪي ايندي اغوا ٿيل انساني حقن جي تنظيم جا ڪارڪن شبير قمبراڻي، حاڪم سمون ۽ عبدالقيوم اوڳاهي پڻ اڃا تائين لاپتا بڻيل آهن.

گهوٽڪي جا 14 مغوي بازياب نه ٿيا، وارث پوليس جي ڪارڪردگي مان مايوس، راڄوڻي ڪوششون

گهوٽڪي جا 14 مغوي بازياب نه ٿيا، وارث پوليس جي ڪارڪردگي مان مايوس، راڄوڻي ڪوششون

اسلام آباد کان پنهنجي گهر اوٻاوڙو ايندي اغوا ٿيل انساني حقن جو ڪارڪن شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊرائيور حاڪم سمون اڃا تائين بازياب ناهن ٿيا

Daily Kawish: 3 Jan 2010
خانپور مهر (ن ڪ) گهوٽڪي پوليس 14 مغوي بازياب ڪرائي نه سگهي، مغوين جي وارثن مايوس ٿي راڄوڻي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون، ان سلسلي ۾ خانپورمهر مان 25 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل معصوم ٻارڙي شويم ڪمار سميت جروار واسي    5 ڄڻن ڪنڌڪوٽمان واپس ايندي مريد شاخ وٽان اغوا ٿي ويل بشيراحمد، الهوسايو، زينل، گل محمد ۽ شبيراحمد بوزدار ۽ گهوٽڪي کان ايندي محمد پور مان اغوا ٿيل پيءُ حافظ شمس الدين ۽ سندس پٽ ظهير احمد چاچڙ، جهانپور ميلي کان واپس ايندي اغوا ٿيل مولابخش مهر ۽ اڪبر سيال، اسلام آباد کان واپس اوٻاوڙو ايندي اغوا ٿيل شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊائيور حاڪم سمون ۽ ڪراچي کان ڳوٺ گهوٽڪي ايندي جسقم ڪارڪنن عبدالقيوم اوڳاهي به اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهيا آهن، جڏهن ته گذريل ڏينهن گهوٽڪي جي شگر ملز جو اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ ڪليم الله

Sunday, January 2, 2011

گھوٽڪي مان شگر ملز جو ملازم اغوا، ضلعي جا 13 مغوي اڳ ئي ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل

گھوٽڪي مان شگر ملز جو ملازم اغوا، ضلعي جا 13 مغوي اڳ ئي ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل
اسلام آباد کان پنهنجي گهر اوٻاوڙو ايندي اغوا ٿيل انساني حقن جو ڪارڪن شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊرائيور حاڪم سمون اڃا تائين بازياب ناهن ٿيا

گھوٽڪي (ن ڪ) گھوٽڪي ۾ نئين سال جي پھرين ڏينھن تي اغوا جي واردات، ھٿياربندن گھوٽڪي شگر ملز جي اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ کي اغوا ڪري ويا، وارثن کان 30 لک رپيا ڀنگ طلب، ضلعي مان اغوا ٿيل ماڻھن جو تعداد 14 ٿي ويو، ان سلسلي ۾ گهوٽڪي ويجهو قائم شگرملز يونٽ(3) جو اسسٽنٽ
اڪائونٽنٽ ڪليم الله دشتي  شگرملز مان پنهنجي گهر صادق آباد ويندي اغوا ٿي ويو، جنهن بابت سندس ڀائرن شگرملز پهچي انتظاميا کي ٻڌايو ته اسان کي ڪليم الله جي فون تي نامعلوم ماڻهن فون ڪري 30 لک رپيا ڀنگ گهريو آهي، جڏهن ته شگرملز انتظاميا اهو چئي کين موٽائي ڇڏيو ته ڪليم الله ملز مان اغوا ناهي ٿيو، جنهن ڪري اسان اوهان جي ڪابه مدد نه ٿا ڪري سگهون، هوڏانهن ڪاوش کي ملز جي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب شگر ملز جو اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ ڪليم الله دشتي شگر ملز ۾ آيل هڪ زميندار سان گڏ ڪار تي صادق آباد