Saturday, December 11, 2010

شبير انساني حقن جو ڪارڪن آهي، سندس بازيابي جي لاءِ انساني حقن جي تنطيمن مٿان اخلاقي طور تي فرض ٿو ٿئي ته سندس بازيابي جي لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن ۽ حڪومت مٿان به دٻاءَ وڌايو وڃي.

گم ۽ اغوا ٿيل ماڻهن جو پتو ڪير لڳائيندو؟
هن وقت ماڻهن کي انصاف جي لاءِ عدالتن تائين پهچائيندڙ انساني حقن جو ڪارڪنشبير قمبراڻي  پاڻ الائي ته ڪهڙي حال ۾ آهي افسوس جو هن لاءِ حڪومت سان گڏ انساني حقن جي تنظيمن ۽ علمبردارن به هن وقت تائين ڪو آواز ناهي اٿاريو
شبير انساني حقن جو ڪارڪن آهي، سندس بازيابي جي لاءِ انساني حقن جي تنطيمن مٿان اخلاقي طور تي فرض ٿو ٿئي ته سندس بازيابي جي لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن ۽ حڪومت مٿان به دٻاءَ وڌايو وڃي.

انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جڏهن سڄي دنيا جا باشعور ماڻهو رياستن طرفان گڏيل قومن جي انساني حقن واري قرارداد تي عمل ڪرڻ واري واعدي کي وفا ڪرڻ جي لاءِ سراپا احتجاج آهن اتي سنڌ به انساني حقن جي بدترين لتاڙ مان گذري رهي آهي، اغوا قتل ڌاڙا انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي ذمري ۾ ايندڙ ڏوهه آهن، پاڪستان انساني حقن جي عالمي پڌرنامي تي صحيح ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهي پر ڪڏهن به پاڪستان ۾ انسانن کي سندن سياسي، سماجي، معاشي، ثقافتي، قومي حق ناهن ملي سگهيا يا ناهن ڏنا ويا، انساني حقن جي عالمي پڌرنامي ۾ آزادي سان جيئڻ جو حق هرانسان جو بنيادي حق آهي پاڪستان ۾ وڌ ۾ وڌ ان ئي حق کي پائمال ڪيو ويندو رهيو آهي، رياستي سطح تي ماڻهن 
کي جيل ٿاڻن ۾ قيد ڪري يا پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن هٿان عدالت کان مٿانهان قتل ڪرائي ماڻهن کان سندن جيئڻ وارو بنيادي حق کسيو ويندو آهي،سنڌ ۾ ماڻهن جي قتل اغوا جا واقعا ايترو ته عام آهن جو هاڻ ماڻهو جو قتل يا اغوا جو واقعو به رياستي ادارن جي سطح واقعو لڳندو آهي اهوئي سبب آهي
جو هرقت سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن ضلعي مان درجنين جي حساب سان ماڻهو قتل ٿيندا ۽ اغوا ٿيندا رهن ٿا ۽ هيل جڏهن دنيا انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي انسانن جي حقن جي لاءِ سراپا احتجاج آهي اتي خود انساني حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙ ڪيترائي ڪارڪن پڻ لاپته آهن سڄي دنيا ۽ پاڪستان ۾ ته اهڙن ديوانن جو تعداد تمام گهڻو هوندو جيڪي پنهنجي حياتي جي سک ۽ ڏک کي دنيا جي ڏکن سکن سان سلهاڙي جيئن ٿا پر اهڙو هڪ ”ديوانو دوست“ اسان جي ضلعي سان به تعلق رکي ٿو جيڪو ڪيترن مهينن کان گم ٿيل آهي ۽ سندس ڪو پتو ناهي،اوٻاوڙي جو رهواسي شبير احمد قمبراڻي پنهنجي ڊرائيور حاڪم سمون سميت گذريل رمضان شريف مهيني جي آخري هفتي دوران اسلام آباد کان اوٻاوڙو ايندي اغوا ٿيو، سندس وارث ٻڌائين ٿا ته  ملتان کان نڪرڻ بعد مظفر ڳڙهه تائين هن جو پنهنجي گهرڀاتين سان موبائل فون تي رابطو هو، جنهن بعد سندس رابطو 
ٽٽي ويو ته هن وقت تائين گهرڀاتين سان سندس رابطو ناهي ٿي سگهيو، اوٻاوڙي ۾ سندس گهر ۾ ڏينهن رات پاڪ ڪتاب لوڏي گهرڀاتي معصوم ٻارڙا سندس اچڻ جو اوسئيڙو ڪندا رهن ٿا ساڳي وقت ڊرائيور حاڪم سمون جي گهر ۾ به ڪهرام متل آهي پر اڃا تائين ٻنهي جو ڪو پتو ناهي، گهوٽڪي جي ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ”شبير ۽ سندس ڊرائيور گهوٽڪي ضلعي مان اغوا ناهن ٿيا...“جڏهن ته پنجاب جي پوليس ته شبير جي مامري کي هن وقت تائين ڏوهه تسليم ئي ناهي ڪيو ، عام طور تي اهو چيو ويندو آهي ته ”پنجاب ۾ پوليس اغوا جهڙن واقعن تي صفا ڌرتي ٿوڏي ڇڏيندي آهي...“پر هن واقعي م ته پنجاب پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو به ناهي ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ اڃان تائين شبير قمبراڻي الائي ته ڪٿي ڪهڙي حال ۾ يرغمال بڻيل آهي، هن وقت ماڻهن کي انصاف جي لاءِ عدالتن تائين پهچائيندڙ انساني حقن جو ڪارڪن پاڻ الائي ته ڪهڙي حال ۾ آهي افسوس جو هن لاءِ حڪومت سان گڏ انساني حقن جي تنظيمن ۽ علمبردارن به هن وقت تائين ڪو آواز ناهي اٿاريو!!!شبير قمبراڻي جي وارثن عدالت ذريعي اوٻاوڙو ٿاڻي تي سندس اغوا جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي پر هن وقت تائين ان ڪيس جي به ڪا پوئواري ناهي ٿي ،شبير انساني حقن جو ڪارڪن آهي، سندس بازيابي جي لاءِ انساني حقن جي تنطيمن مٿان اخلاقي طور تي فرض ٿو ٿئي ته سندس بازيابي جي لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن ۽ حڪومت مٿان به دٻاءَ وڌايو وڃي. گهوٽڪي ضلعي مان شبير وانگر هڪ ٻيو سياسي ڪارڪن عبدالقيوم اوڳاهي پڻ گم آهي عبدالقيوم اوڳاهي جيڪو گهوٽڪي ويجهو ڳوٺ مٺڻ اوڳاهي جو رهواسي آهي جيئي سنڌ قومي محاذ جو سرگرم ڪارڪن رهيو، هو مرحوم نظرمحمد اوڳاهي جو ڀاءَ آهي .مرحوم نظرمحمد اوڳاهي جيڪو پاڻ تعليم کاتي ۾ هڪ بهترين استاد هجڻ سان گڏ باوفا دوست ۽ سياسي سماجي ڪارڪن هو، هلندڙ سال آگسٽ جي اٺين تاريخ تي ڪراچي مان واپس ٿيندي هو سکر مان لاپته ٿي ويو سندس ڀائرن جو چوڻ آهي ته شڪارپورپور ضلعي جي ڳاهيجا شهر جي هڪ ماڻهو سان سندس فون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي جتي وڃڻ بعد هو ٿي ويو ان شخص کي پوليس شڪ ۾ گرفتار ڪرڻ بعد جلدي ڇڏي ڏنو جنهن بعد هن وقت تائين عبدالقيوم جو ڪو پتو ناهي، جڏهن ته ان دوران عبدالقيوم جي وارثن سان ڪجهه ماڻهن ڀنگ جي رقم بابت به ڳالهايو پر اهي ماڻهو به غائب ٿي ويا جڏهن ته عبدالقيوم جي وارثن طرفان سنڌ حڪومت جي لاڳاپيل عملدارن ۽ وزيرن کي ڪيتريون ئي درخواستون اماڻيون پر اڃا تائين ڪنهن به درتان عبدالقيوم جي بازيابي جي ڪا اميد پيدا ناهي ٿي، نه صرف گهوٽڪي جا سياسي، سماجي، انساني حقن جا ڪارڪن اغوا ٿيل آهن پر گهوٽڪي مان معصوم ٻار به پنهنجن پيارن کان پري ڪيل آهن، سنڌ ۾ ٻارڙن جي اغوا جا واقعا جيڪي لاڳيتو ڪشمور شهر مان ٿيا انهن جو اثر گهوٽڪي تائين به پهچي ويو ۽ خانپور مهر مان هٿياربند گلن جي جهڙي ٻارڙي شيون ڪمار کي اغوا ڪري ويا آهن جنهن جي والد درشن لعل ۽ سندس امڙ مٿان سڪتو طاري ٿيل آهي ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود گهوٽڪي جي مهر سردارن جي اباڻي شهر خانپور مهر اغوا ٿيل گلن جهڙو ٻارڙو پنهنجي ماءَُ پيءُ جي اکين کان اوجهل آهي، اهي سڀ اغوا جا واقعا جيڪي سڄي سنڌ سان ملائي ڳڻجن ته ان جو تعداد تمام گهڻو وڌي ويندو ،هن وقت وفاق ۽ سنڌ ۾ هڪ ئي پارٽي پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي جيڪڏهن پيپلز پارٽي ڪوششون ڪري ته اغوا ٿيل ماڻهو يا گم ڪيل ماڻهو بازياب ٿي سگهن ٿا.


The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167

Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com 

No comments:

Post a Comment