Thursday, December 30, 2010

انساني حقن جي ڪارڪن شبير قمبراڻي سندس ڊرائيور حاڪم سمون اڃا تائين ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن

گهوٽڪي ضلعي جا 12 ماڻهو اڃا ڌاڙيلن وٽ قيد، پوليس مڪمل 
طور ناڪام، ڊي پي او کي هٽايو ويو

انساني حقن جي ڪارڪن شبير قمبراڻي سندس ڊرائيور حاڪم سمون
 اڃا تائين ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن


گهوٽڪي/اوٻاوڙو (نمائندن وٽان) گهوٽڪي جا 12 مغوي اڃا ڌاڙيلن جي چنبي ۾ قيد، پوليس  بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام بڻجي وئي، بدامني ۾ واڌ کانپوءِ ڊي پي او کي هٽايو ويو، گهوٽڪي ويجهو ٻيلو ميرپورٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل ٻن ڄڻن اڪبر سيال ۽ مولو مهر جي اغوا جي پوليس تصديق ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ انچارج ڊي پي او گهوٽڪي يارمحمد رند ٻڌايو ته مغوين ۽ کين اغوا ڪندڙن جا پيرا ڪچي ڏانهن ويا آهن، هوڏانهن ٻه ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ڳڙهي چاڪر واسي پنج ڄڻن بشير احمد، الهوسايو، زينل، گل محمد ۽ شبير احمد بوزدار جو ڪوبه پتو نه پيو، ان سلسلي ۾ بشيراحمد بوزدار جي ڀاءُ اصغر بوزدار ٻڌايو ته برادري جي سردار ايم پي اي رحيم بخش بوزدار سان گڏ ڪچي ۾ مختلف زميندارن سان ملاقاتون ڪيون، جڏهن ته پوليس ڪوبه سهڪار ناهي ڪيو، هن الزام هنيو ته ايس ايڇ او کنڀڙا ڪريم بخش لاکي کي اسان جي اغوا ٿيل ماڻهن بابت سڄي ڄاڻ آهي، هن پاڻ اسان جي پنجن ئي ماڻهن کي يرغمال بڻائي ڪنهن ٻئي ٽولي جي حوالي ڪيو آهي، هن چيو ته برادري جي سردار اڄ ڳڙهي ۾ سڄي برادري جو ڪٺ سڏايو آهي جنهن ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ لائحه عمل جوڙيو ويندو، هوڏانهن هفتو اڳ گهوٽڪي ويجهو محمد پور کان گهوٽڪي ايندي اغوا ٿيل پيءُ پٽ حافظ شمس الدين چاچڙ ۽ ظهير احمد چاچڙ کي به پوليس بازياب ڪرائي ناهي سگهي، جڏهن ته خانپور مهر جو اغوا ٿيل ٻارڙو شويم ڪمار پڻ اڃا تائين ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهي جنهن کي پڻ پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، هوڏانهن گهوٽڪي جي اغوا ٿيل ٽن ڄڻن انساني حقن جي ڪارڪن شبير قمبراڻي، سندس ڊرائيور حاڪم سمون ۽ جسقم ڪارڪن عبدالقيوم اوڳاهي پڻ اڃا تائين ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن، گهوٽڪي مان اغوا ٿيل تقريبن 12 ماڻهن بابت انچارج ڊي پي او يارمحمد رند رابطي تي ڪاوش کي ٻڌايو ته شويم ڪمار سميت ٻين مغوين جي بازيابي جي سلسلي ۾ ڪوششون جاري آهن، تمام جلد بهتر نتيجي تي پهچي وينداسين، هوڏانهن اختيارين گهوٽڪي ضلعي ۾ اغوا جي وڌندڙ وارداتن ۽ بدامني ۾ واڌ کانپوءِ ڊي پي او ثاقب اسماعيل ميمڻ کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي پيرمحمد شاهه کي گهوٽڪي جو نئون ڊي پي او مقرر ڪيو آهي جنهن اڃا چارج ناهي سنڀالي، هوڏانهن کنڀڙا پوليس ڪشمور جي حد بندي ڄاڻائي مغوين جي بازيابي لاءِ ڪابه
ڪارروائي نه ڪئي آهي، رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او کنڀڙا ڪريم بخش لاکي ٻڌايو ته اسان پنهنجي طريقي سان انڪوائري ڪري رهيا آهيون، مغوي اسان جي حد مان اغوا نه ٿيا آهن پوءِ به اسان جون ڪوششون جاري آهن، مغوين جي وارثن اصغر علي بوزدار، برڪت علي ۽ ٻين ٻڌايو ته پوليس حدبندي ڄاڻائي هن مهل تائين مغوين جي بازيابي لاءِ ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي.


The Kawish Group of PublicationB/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com 

No comments:

Post a Comment