Saturday, November 13, 2010

گهوٽڪي ضلعي ۾ ڏوهارين جو راڄ، اوٻاوڙو ويجهو 3 ڄڻا اغوا، مغوين جو انگ 15 ٿي ويو

گهوٽڪي ضلعي ۾ ڏوهارين جو راڄ، اوٻاوڙو ويجهو 3 ڄڻا اغوا، مغوين جو 
انگ 15 ٿي ويو. 


 اوٻاوڙو واسي شبير قمبراڻي، ڊرائيور حق نواز، عبدالفصيح ۽ عبدالواحد پٺاڻ اغوا ٿيل آهن. 

اوٻاوڙو (رپورٽ: گل محمد پنهور) 
گهوٽڪي ضلعي ۾ ڏوهاري راڄ، اوٻاوڙو ويجهو ڊرائيور سوڌو 3 ڄڻا اغوا، مغوين جو انگ 15 ٿي ويو، ان سلسلي ۾ اوٻاوڙو ويجهو لانگهو لنڪ روڊ تي گذريل رات ديرسان هٿياربندن چڙهائي ڪري اوٻاوڙو کان ونگڙ ويندڙ ڪار کي روڪي هٿيارن جي زور تي ڪار ڊرائيور سڪندر ڌونڌو ۽ ڪار ۾ سوار ٻه نامعلوم مسافرن کي هٿياربندن اغوا ڪري ورتو ۽ صبح جو ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن خالي ڪار ڏسي اهڙو اطلاع اوٻاوڙو پوليس کي ڏنو ته اوٻاوڙو پوليس خالي ڪار ڪاهي اوٻاوڙو ٿاڻي تي آندي، جڏهن ته اغوا ٿيل مغوين جي لاءِ پوليس ڪابه ڪارروائي نه

Friday, November 12, 2010

سکر ريجن جي پوليس مغوي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام، ”ڪوششون“ جاري آهن:ٽن ضلعن جا ڊي پي اوز

سکر، شڪاپور، لاڙڪاڻي ۽ قمبرشهدادڪوٽ جي پوليس کي هيل تائين مغوين جي بازيابي لاءِ ڪاميابي حاصل ناهي ٿي، پوليس روايتي طريقا استعمال ڪندي ڪجهه ڏوهاري ماڻهن ۽ پاٿاريدارن جي مائٽن تي دٻاءُ وجهڻ به شروع ڪيو آهي ۽ ان کانسواءِ معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڃڻ بعد پوليس تي عدالت جو دٻاءُ به وڌي ويو آهي پر پوءِ به پوليس اڃا تائين ناڪام آهي، ڪجهه ڏينهن پهرين آر پي او سکر  لاڙڪاڻي جا ٽي مغوي بازياب ڪرائڻ لاءِ پوليس

سنڌ جا 22 ماڻهو ڌاڙيلن وٽ يرغمال، ڪيترائي ٻار ڙا به گم


سنڌ جا 22 ماڻهو ڌاڙيلن   وٽ يرغمال، ڪيترائي ٻار ڙا به گم
معشوق اوڍاڻو،الهورايو بوزدار ۽ مسعود سومرو

عيد دوران اسلام آباد کان پنهنجي ڳوٺ اوٻاوڙي ايندي اغوا ٿيل شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊرائيور کي به گهوٽڪي جي پوليس اڃا تائين بازياب ناهي ڪرايو، جن جي گهرن ۾ روڄ راڙو جاري آهي.

                سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي، اسٽريٽ ڪرائيم، ڦر جي واقعن توڙي ڌاڙن بعد هاڻي ته ماڻهن کي اغوا ڪرڻ جو سلسلو به سرعام شروع ٿي ويو آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ ڪي موثر ڪوششون اڃا سامهون ناهن آيون،  اڳ ۾ رات جي اونداهي ۾ يا وري ڪچي جي علائقي مان ماڻهو اغوا ٿيندا هئا پر هاڻي ته وڏن شهرن مان ڏينهن ڏٺي جو ماڻهو اغوا ٿي رهيا آهن، سنڌ جي روڊن رستن تي وري انهن ڏوهاري ماڻهن جو راڄ قائم ٿي ويو آهي، جيڪي ٻوڏ جي ڏينهن دوران گم هئا، گذريل هڪ مهيني اندر ٻن صوبائي وزير محمد اياز سومرو ۽ موهن لال ڪوهستاني جي ٻن ويجهن مائٽن سميت 22 کان وڌيڪ ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيترائي معصوم ٻارڙا به گم آهن، اغوا ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ جيتوڻيڪ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو به هلندڙ آهي پر اڃا تائين اهي بازياب ٿي نه سگهيا آهن، پوليس ۽ انتظاميا جون روايتي ”ڪوششون“ جاري آهن جڏهن ته اڪثر مغوين جي وارثن پوليس تي عدم اعتماد ظاهر ڪري ڇڏيو آهي،  سکر کان لاڙڪاڻو ايندي اغوا ٿيل تعليمي بورڊ سکر جي ڊپٽي ڪنٽرولر ۽ زولاجي جي اسسٽنٽ پروفيسر الطاف ابڙو،  لاڙڪاڻي جي سينيئر وڪيل علي اظهر تنيو ۽ ڊرائيورعبدالستارکوکر کي 12 ڏينهن گذري ويا آهن، شهيد بينظير ڀٽو جي اباڻي ضلعي لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ انهن مغوين جي بازيابيءَ لاءِ هيل تائين پوليس کي جوڳي ڪاميابي حاصل نه ٿي آهي، جيتوڻيڪ وڪيلن ۽ استادن طرفان انهن اغوائن خلاف احتجاج جو به سلسلو جاري آهي، انهن ٽنهي ڄڻن کي سکر کان لاڙڪاڻي ايندي اغوا ڪيو ويو هو، اغوا ٿيل پروفيسر الطاف ابڙو قانون واري صوبائي وزير محمد اياز سومري جو ڀيڻويو آهي، جڏهن ته علي اظهر تنيو سينيئر وڪيل آهي، انهيءَ معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي به هلي رهي آهي، جنهن تي عدالت ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي به جواب لاءِ طلب ڪيو آهي، اغوا جا واقعا ته هونئن ماضي ۾ به ٿيندا رهيا آهن پر موجوده سرڪار ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۾ اغوا جي شروع ٿيل واقعن تي ماڻهن ۾ ڪافي ڳڻتي آهي، لاڙڪاڻي شهر مان نه رڳو اهي ٽي ڄڻا اغوا ٿيا آهن پر ڪجهه ٻارڙا به گم آهن، جن جي گهرن ۾ قرآن خواني جو سلسلو هلندڙ آهي، 27 سيپٽمبر تي پراسرار نموني گم ٿي ويل مراد واهڻ محلي جي رهواسي 12 ورهين جي نينگر فرقان شيخ جو به اڃا تائين ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي، جنهن سبب سندس گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، نينگر جي بازيابي لاءِ وارثن ۾ مايوسي ڇانئجي حدن ۾ ڌاڙيلن جي ڳوٺن تي چڙهايون ڪري ڌاڙيلن جي ويجهن عزيزن کي به پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، پر پوءِ به مغوين تائين پهچڻ ۾ ڪاميابي حاصل ناهي ٿي، انهيءَ واقعي کي 12 ڏينهن گذري ويا آهن پر هڪ اهم ڳالهه اها به آهي ته اڃا تائين کين اغوا ڪندڙن ڪو مطالبو به ناهي ڪيو، عام طور تي ٿيندو ايئن آهي ته ماڻهن اغوا ڪرڻ بعد اهي ڌاڙيل ڀنگ لاءِ انهن جي مائٽن کي نياپا موڪليندا آهن، پر هنن مغوين جي بازيابي لاءِ اڃا اهڙو ڪو مطالبو سامهون نه آيو آهي، اغوا ٿي ويل اڳوڻي اي اي جي علي اظهر تنيو جي سالي وڪيل راشد تنيو چيو آهي ته اغوا جي هن واقعي بابت پوليس ڪا به ڄاڻ فراهم نه ٿي ڪري، جڏهن ته ڪشمور ضلعي مان به اغوا ٿيندڙن جو انگ 6 ٿي ويو آهي، بڊاڻي ويجهو هٿياربند ٽرڪ ڊرائيو منور جويو ۽ ڪلينر فضل عباس کي اغوا ڪري ويا،  اغوا ٿيل ڪلينر ۽ ڊرائيور ميرپور ماٿيلو کان ڪاٺيون کڻڻ آيا هئا، جن کي اغوا ڪيو ويو آهي، سندن ٽرڪ هٿ آئي آهي، معلوم ٿيو آهي ته منور جويو ۽ ڪلينر فضل عباس اصل پنجاب جا رهواسي آهن، جيڪي ميرپور ماٿيلو ۾ گل محمد عرف گلو ڪلوڙ جي ٽرڪ هلائيندا آهن، اهڙي طرح عيد جي ڏينهن تي ڪنڌڪوٽ شهر جي مرزانپور پاڙي مان هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل 6 سالن جي ڌيرج ڪمار، ان کان هڪ ڏينهن پوءِ ڪشمور پوليس جي حد 45 آر ڊي لڳ مڇي فارم تان اغوا ٿيل ٽن ڳوٺاڻن حاجي صدرالدين گولو، طالب ميراڻي ۽ سرور قاضي سميت اغوا ٿيل چئن ڄڻن کي اڃا تائين پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، جڏهن ته ڊرائيور ۽ ڪلينر جي اغوا بعد ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿيلن جو انگ 6 ٿي ويو آهي، اهڙي طرح سجاول مان اقليتي معاملن واري صوبائي وزير موهن لال ڪوهستاني جو اغوا ٿيل مائٽ واپاري چيتن لال به اڃا بازياب ناهي ٿيو،  10 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس سندس پتو لڳائي نه سگهي آهي ۽ نه ئي ڪيس داخل ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته واپاري کي بااثر ماڻهن اغوا ڪرايو آهي، ذريعن جي ڏنل ڄاڻ مطابق ڌرين ۾ ڊيل ٿي وئي آهي ۽ مغوي جي بازيابي جا جلد امڪان آهن، ان کانسواءِ قمبر شهر جي مستوئي محلي مان هڪ هفتو اڳ  مبينا اغوا ٿي ويل پورهيت 50 سالن جي محمد ياسين رند جي وارثن سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته مغوي کي بازياب ڪرائي  اسان کي انصاف ڏنو وڃي،  جڏهن ته 11 ڏينهن اڳ ميروخان ڀرسان ڳوٺ خاوند ڏنو ڪلهوڙو واسي اغوا ٿيل ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جا 2 شاگرد نويد احمد ۽ امجد ڪلهوڙو بازياب ٿي نه سگهيا آهن، وارثن علي اڪبر، نظير ڪلهوڙو ۽ ٻين نينگرن جي بازيابي لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي جي وڳڻ، لالو رائنڪ ۽ ٻين مختلف ڳوٺن ۾ کڻي گهمايو، مغوي نويد جي چاچي ڪاوش کي ٻڌايو ته ٻچڙن جي بازيابي لاءِ ڪٿان به دلاسو نه مليو آهي، ان کانسواءِ گهوٽڪي ضلعي مان به هڪ هفتي دوران ڇهه ماڻهو اغوا ٿي ويا آهن، ضلعي ۾ اغوا جي وارداتن کان اڳ ۾ ڌاڙيلن پوليس اهلڪارن تي حملا ڪيا ۽ گيمڙو جي ايس ايڇ او صاحب ڏني ناريجي سميت ٽن اهلڪارن کي شهيد ڪيو ويو، جڏهن ته جروار پوليس پوسٽ جي انچارج کي هٿياربندن سرعام شهر ۾ پستول سان فائر ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن سڀني واقعن دوران انتظاميه طرفان ڏوهارين جي خلاف ڪوبه موثر قدم نه کڄڻ سبب اوچتو ضلعي ۾ اغوا جا واقعا شروع ٿي ويا، ضلعي ۾ هلندڙ هفتي دوران ڏهرڪي ويجهو هڪ ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي ٽن پورهيتن کي اغوا ڪيو ويو، جن ۾ ڏهرڪي واسي گل محمد سومرو جيڪو ڪمپني ۾ سپروائيزر آهي، اهو ٻن پورهيتن بشير احمد ۽ غمٽار گولو سان گڏ واپس گهر اچي رهيو هيو ته کيس ڌاڙيل اغوا ڪري ويا، جڏهن ته ان واقعي جي ٻئي ڏينهن تي ميرپورماٿيلي ٿاڻي جي حد جي جروار شهر مان پورهيت عاشق  موچي کي اغوا ڪيو ويو جنهن کي پوليس ٻن ڏينهن ۾ راڄوڻين ڪوششن جي ذريعي بازياب ڪرايو ويو، جڏهن ته ان کان پوءِ ميرپور ماٿيلي کان پنهنجي ڳو‎ٺ شفيع محمد اعواڻ لک جهانپور ويندي ٻن سڳن ڀائرن رمضان اعواڻ ۽ عطا محي الدين اعواڻ کي موٽرسائيڪل سميت اغوا ڪري ويا، جڏهن ته  سڳن ڀائرن جي اغوا جي ٻئي ڏينهن  تي ڳوٺ شفيع محمد اعواڻ جي پاڙي واري ڳوٺ مينهون ملهڻ جي چڱي مڙس محمد سچل ملهڻ کي هٿياربند گهر مان فون ڪري طريقي سان ٻاهر سڏائي اغوا ڪري ويا، اغوا ٿيل اعواڻ ڀائرن ۽ ملهڻ برادري جي چڱي مڙس بابت تر ۾ چئو ٻول آهن ته کين ڪچي ۾ ڇهين بلاڪ ۾ رهندڙ ڌاڙيلن اغوا ڪيو آهي، جڏهن ته ڏهرڪي مان اغوا ٿيل ٽن ماڻهن بابت اڃان تائين پوليس توڙي وارث ٻڏتر جو شڪار آهن ته کين ڌاڙيلن جي ڪهڙي ٽولي اغوا ڪيو آهي، گهوٽڪي ضلعي ۾ اغوا جي واقعن کان اڳ ٻوڏ دوران انتظاميا کي مختلف ذريعن وٽان اهڙي قسم جي آگاهي ملندي رهي هئي ته جئين ئي درياءَ ۾ پاڻي جي لاٿ ٿيندي تئين اغوا سميت مختلف قسم جي ڏوهن جا واقعا ٿيندا پر انتظاميه ان حوالي سان اڳواٽ ڪوبه هوم ورڪ نه ڪيو جنهن ڪري هن وقت صورتحال سنگين بڻيل آهي ضلعي ۾ اهڙي امڪاني بدامني ۽ اغوا جي واقعن  جي حوالي سان گهوٽڪي جي مختلف ٿاڻن تي ايس ايڇ او رهندڙ هڪ پوليس آفيسر پنهنجي بالا آفيسرن کي اها تجويز به ڏني هئي ته ٻوڏ دوران ڪچي جي مختلف ٽٻن مان جيڪي ڏوهاري پاٿاريدار ۽ انهن جا ساٿاري نڪري پڪي تي آيا آهن، انهن جي خلاف درياءَ ۾ لاٿ اچڻ کان اڳ ڪاروائي ڪئي وڃي پر بالا آفيسرن اهڙي تجويز تي ڪم ڪرڻ بدران ان ايس ايڇ او کي ئي ضلعي مان آئوٽ ڪري ڇڏيو، نتيجي ۾ جڏهن سنڌودرياءَ ۾ اڃا پاڻي جي معمولي لاٿ ئي مس ٿي هئي ته گيمڙو جي ايس ايڇ او مٿان ڏوهارين پهريون دفعو ان وقت فائرنگ ڪئي، جڏهن هو درياءَ جي بند تي گشت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، حقيقت ۾ اهو واقعو ضلعي انتظاميه جي لاءِ هڪ نياپو هو پر انتظاميه ان کي سنجيدگي سان نه ورتو  ۽ ضلعي ۾ امن امان جي حوالي سان ڪا رٿا بندي ڪرڻ بدران ان ايس ايڇ او کي هٽائڻ بابت غور ڪيو ويو پر ان ڪم ۾ ايتري دير ڪئي وئي جو ايس ايڇ او دنيا مان ئي هليو ويو، جيتوڻيڪ اغوا جي موجوده واقعن ۾ گيمڙو ۽ آس پاس رهندڙ ڌاڙيلن جو ڪو سڌو هٿ نه به هجي پر مجموعي طور تي پوليس جي رٽ ڪمزور ٿيڻ سبب ٻين پاسن جا ڏوهاري به سرگرم ٿي ويا آهن، گهوٽڪي ضلعي ۾ هن وقت جيڪي ٽولا پوليس رڪارڊ تي موجود آهن انهن ۾ گيمڙو واري تر ۾ غلام قادر عرف قادري چاچڙ علي گوهر عرف گوهرو چاچڙ حفيظ چاچڙ ۽ سندن ٽولا آهن جڏهن ته ڇهين بلاڪ ۾ مصري سندراڻي، ابراهيم عرف ڊاڪٽر ابراهيم شيخ، غلام نبي شيخ،  مير شيخ ۽ سندس پٽ ظفر شيخ جا ٽولا آهن، جڏهن ته رانوتي واري پاسي سلطو شر ۽ سندس ٻين ساٿارين جا ٽولا موجود آهن، اغوا جي تازن واقعن بابت پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جهانپور واري تر ۾ تازو اغوا ٿيل ماڻهن جي اغوا واري رات ڌاڙيل مصري سندراڻي غلام نبي شيخ ۽ مير شيخ جي موجودگي بابت اطلاع هئا، جڏهن ته اغوا ٿيل محمد سچل ملهڻ جيڪو پوليس اسٽيشن گهوٽڪي جي لاڳاپيل نيشنل هاءِ وي جي مهيسرو پوليس پوسٽ جو انچارج اڪبر ملهڻ جو والد آهي ان بابت وارثن جو اهو چوڻ آهي ته کيس اغوا ڪندڙ ڌاڙيلن جا پيرا سرحد ويجهو ڄام محمد علي لکڻ واري فيڊر جي پل اوجي ڊي سي ايل بند جي وچ مان ڪراس ٿي ڇهين بلاڪ ۾ داخل ٿيا آهن، جڏهن ته اغوا ٿيل اعواڻ برادري جي ماڻهن کي به ان طرف نيو ويو آهي، جنهن ڪري مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ميراحسان سندراڻي دلچسپي وٺي ته ماڻهو بازياب ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته ڏهرڪي جي مغوين بابت اهو چيو پيو وڃي ته پ پ جي مقامي ايم اين اي جو  ڪچي ۽ پڪي ۾ اثر رسوخ رکندڙ پٽ همٿ ڪري ۽ دلچسپي وٺي ته ماڻهن جي بازيابي جلدي ٿي سگهي ٿي، ان کان سواءِ ٻيو طريقو وارثن طرفان ڀنگ ڪري پنهنجن پيارن کي بازياب ڪرائڻ جو آهي پر ان سلسلي ۾ اڃا تائين ڌاڙيلن طرفان مغوين جي وارثن سان ڌاڙيلن ڪو رابطو ناهي ڪيو، جڏهن ته ٽيون آپشن پوليس جو آهي، جهڙي نموني سان ماضي ۾ ڊي پي اوز پڪي تي رهندڙ ڪچي جي ويجهن ماڻهن ۽ کين مانيون کارائيندڙ ڀوتارن جي مٿان دٻاءَ وڌو ۽ پوليس سندن اوطاقن ۾ ويهاري ڇڏي اهڙي نموني سان دليري سان ڪو آپريشن ٿئي ته مغوي بازياب ٿي سگهن ٿا پر اڃا تائين ڪوبه طريقو استعام ٿيندي نظر نه ٿو اچي جنهن ڪري مغوين جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي، اغوا ٿيل رمضان ۽ عطامحي الدين جيڪي سڳا ڀائر آهن، اهي ڳوٺ جي چڱي مڙس جا پٽ آهي شفيع محمد اعواڻ جي ڳوٺ جا اڪثر ماڻهو سنڌ جي ثقافت ملهه جا پهلوان آهن، سڄي سنڌ ۾ ميلن ۾ وڄي ملهه کيڏندا آهن مغوين جو والد شفيع محمد پاڻ وڏو ملهه هو، جڏهن ته مغوين جو چاچو الهڏتو کي رستم سنڌ جو لقب به مليل آهي پر بدنصيبي سان ڌاڙيلن سندن ڪوبه خيال نه ڪيو هن وقت نه صرف اهو ته گهوٽڪي مان ڇهه ماڻهو اغوا ٿيل آهن پر اڃا وڌيڪ ماڻهن جي اغوا ٿيڻ جا به امڪان آهن ڇوته ٻوڏ بعد ڪچي مان پڪي تي ڏوهارين جي اچ وڃ تي ڪابه روڪ ٽوڪ ناهي ايتري قدر جو ٽي چار ڏينهن اڳ گهوٽڪي ۾ سڪيورٽي اهلڪارن هڪ  انعام يافته ڏوهي رڪارڊ رکندڙ همراهه کي گرفتار ڪيو ته کيس ڪجهه ئي دير ۾ آزاد ڪري پنهنجي ڳوٺ موڪليو ويو ،اهڙي عالم ۾ سنڌ حڪومت جي گهرو وزير کي ڌيان ڌرڻ جي ضرورت آهي. جڏهن ته عيد دوران اسلام آباد کان پنهنجي ڳوٺ اوٻاوڙي ايندي اغوا ٿيل شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊرائيور کي به گهوٽڪي جي پوليس اڃا تائين بازياب ناهي ڪرايو، جن جي گهرن ۾ روڄ راڙو جاري آهي.
The Kawish Group of PublicationB/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     info@dailykawish.com

Wednesday, November 3, 2010

A request to higher authorities of pakistan, to release Shabir ahmed and his driver from kidnapers,

A Social worker and author (Pegham -e- Khushali & Mumkin) and his driver Hakim Ali has been kidnapped since 3 months,
A request to higher authorities of Pakistan to release them from kidnappers,

Shabir Qambrani and his driver were kidnapped from Punjab.

At least 14 people have been kidnapped from Ghotki district in the last two months. Resident of Dad Leghari, Abid Khushk, was kidnapped on Saturday, while four days ago, Shabir Qambrani and his driver were kidnapped from Punjab. 

SUKKUR: A judge has ordered the arrest  of a man accused of kidnapping, raping and impregnating a woman who has just given birth to a baby girl.
The suspect, Imran Shah, kept S, a resident of Rashdi Mohalla, Pir Jo Goth, in illegal detention for five months before she managed to escape. On Monday, the Sindh High Court’s Sukkur bench, comprising Justice Faisal Arab, issued orders for Imran’s arrest, after a constitutional petition was filed by S through her lawyer Shabbir Shar.
Shar told The Express Tribune told that the petition was

Monday, November 1, 2010

Awaz News Story: Shabir Ahmed Qambrani

گهوٽڪي ضلعي جا اغوا ٿيل جسقم اڳواڻ ۽ سماجي ڪارڪن سوڌو 14 ماڻهو بازياب نه ٿيا، ٽياڪڙي ڪندڙ گرفتار ڪري گم ڪيا ويا




گهوٽڪي ضلعي جا اغوا ٿيل جسقم اڳواڻ ۽ سماجي ڪارڪن سوڌو 14 ماڻهو بازياب نه ٿيا، ٽياڪڙي ڪندڙ گرفتار ڪري گم ڪيا ويا
گهوٽڪي(رپورٽ: الهورايو بوزدار)گهوٽڪي ضلعي جا اغوا ٿيل جسقم اڳواڻ ۽ سماجي ڪارڪن سوڌو 14 ماڻهو بازياب نه ٿيا، ٽياڪڙي ڪندڙ گرفتار ڪري گم ڪيا ويا، خبرموجب گهوٽڪي ضلعي جي اغوا ٿيل ماڻهن مان مغوي سچل برادري جي چڱي مڙس محمد سچل ملهڻ جي بازيابي جي حوالي سان ڪوشش ڪندڙ ٽن ڄڻن ميرو شر، سردارو لنڊ ۽ واحد لنڊ کي 6 ڏينهن اڳ گرفتار ڪرڻ بعد پوليس گم ڪري ڇڏيو آهي، جن بابت ڪاوش کي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ميرو شر جيڪو ڌاڙيل سلطو شر جي واسطي وارو آهي کي محمد سچل ملهڻ جي بازيابي جي حوالي سان محمد سچل جي ڪجهه واسطيدار دوستن جي ذريعي ٽياڪڙي ڪرڻ تي راضي ڪيو ويو هو، جيڪو 6 ڏينهن اڳ سلطو ڏانهن وڃي رهيو ته کيس رستي ۾ ميرپورماٿيلي ويجهو ميرپورماٿيلو پوليس ٻن دوستن سميت گرفتار ڪيو، ذريعن موجب گرفتاري وقت ميرو شر وٽ اڍائي لک رپيا به هئا جن بابت چيو پيو وڃي ته اهي پئسا کيس محمد سچل شر جي بازيابي لاءِ ڀنگ جي رقم طور سلطو کي پهچائڻ لاءِ ڏنا ويا هئا، جيڪي کانئس پوليس کسي ورتا آهن، ذريعن موجب پوليس طرفان گرفتار ٿيلن کي ڌاڙيل سلطو شر مٿان دٻاءُ وجهڻ لاءِ ظاهر نه پيو ڪيو وڃي، ٻئي طرف ڪچي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل سلطو شر يرغمالي جي بازيابي لاءِ ميرو شر کي ساڳي حالت ۾ پئسن سميت آزاد ڪري ان ڏانهن موڪلڻ جو شرط رکي ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ رابطي تي اغوا ٿيل محمد سچل جي پٽ اڪبر ملهڻ ڪاوش کي ٻڌايو ته اسان ڪنهن کي به پئسا ناهن ڏنا نه ئي ڀنگ جي رقم ڏينداسين، ميرو شر جي گرفتاري يا ان وٽ پئسا هجڻ بابت اسان کي ڪا خبر ناهي، هوڏانهن اغوا ٿيل ٻين 13 مغوين بابت پڻ اڃا تائين پوليس ڪو تحرڪ ناهي ورتو، جنهن ڪري اوٻاوڙي مان اغوا ٿيل ٽرالر ڊرائيور عبدالفصيح ۽ عبدالواحد، ميرپورماٿيلو واسي پوليس اهلڪار نيڪ محمد ڪولاچي، ڳوٺ شفيع محمد اعواڻ مان اغوا ٿيل سڳا ڀائر رمضان ۽ عطا محي الدين اعواڻ، گهوٽڪي ويجهو اغوا ٿيل روشن ڪلهوڙو ۽ شڪيل ڪلهوڙو اڃا تائين ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن، جڏهن ته پوليس گذريل رات ميرپورماٿيلو ويجهو دادلغاري ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل علي عابد خشڪ جي اغوا بابت پتو ناهي لڳائي سگهي، اهڙي ريت ڏهرڪي تعلقي مان اغوا ٿيل نياز ڪوڀر ۽ شهاب الدين آرائين به ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن، جڏهن ته جسقم اڳواڻ عبدالقيوم اوڳاهي جي اغوا ٿيڻ بابت وارثن تصديق ڪئي، ان سلسلي ۾ جسقم گهوٽڪي جي مقامي اڳواڻ عبدالقيوم اوڳاهي جي ڀاءُ پپو اوڳاهي ڪاوش کي ٻڌايو ته عبدالقيوم اوڳاهي 8 آگسٽ تي ڪراچي کان ڳوٺ ايندي اغوا ٿي ويو آهي، ان ڏينهن کان سندس موبائيل فون بند آهي، ان دوران ڪجهه ماڻهن اسان کي فون ڪري سندس اغوا ٿيڻ بابت پڻ ٻڌايو، پپو اوڳاهي ٻڌايو ته عبدالقيوم اوڳاهي جي اغوا بابت جسقم جي قيادت بشير خان قريشي ۽ ٻين کي آگاهه ڪيو، پوليس کي پڻ ٻڌايو آهي پر اڃا تائين ڪٿان به اسان جي ڪا مدد ناهي ٿي، ان کانسواءِ اسلام آباد کان ڪار تي ايندي رستي مان اغوا ٿيل اوٻاوڙو واسي انساني حقن جي تنظيم جي چيئرمين شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊرائيور حاڪم ڪوري جي ڳولا لاءِ هن وقت تائين سنڌ يا پنجاب جي پوليس ڪا رسمي لکپڙهه واري ڪارروائي به ناهي ڪئي، جنهن ڪري اڃا تائين شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊرائيور جو ڪو ڏس پتو ناهي مليو، جڏهن ته شبير قمبراڻي جيڪو انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ هڪ تنظيم جو چيئرمين آهي، ان جي اغوا بعد ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ ڪنهن انساني حقن جي تنظيم به ڪو تحرڪ ناهي ورتو.
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com