Monday, November 1, 2010

گهوٽڪي ضلعي جا اغوا ٿيل جسقم اڳواڻ ۽ سماجي ڪارڪن سوڌو 14 ماڻهو بازياب نه ٿيا، ٽياڪڙي ڪندڙ گرفتار ڪري گم ڪيا ويا




گهوٽڪي ضلعي جا اغوا ٿيل جسقم اڳواڻ ۽ سماجي ڪارڪن سوڌو 14 ماڻهو بازياب نه ٿيا، ٽياڪڙي ڪندڙ گرفتار ڪري گم ڪيا ويا
گهوٽڪي(رپورٽ: الهورايو بوزدار)گهوٽڪي ضلعي جا اغوا ٿيل جسقم اڳواڻ ۽ سماجي ڪارڪن سوڌو 14 ماڻهو بازياب نه ٿيا، ٽياڪڙي ڪندڙ گرفتار ڪري گم ڪيا ويا، خبرموجب گهوٽڪي ضلعي جي اغوا ٿيل ماڻهن مان مغوي سچل برادري جي چڱي مڙس محمد سچل ملهڻ جي بازيابي جي حوالي سان ڪوشش ڪندڙ ٽن ڄڻن ميرو شر، سردارو لنڊ ۽ واحد لنڊ کي 6 ڏينهن اڳ گرفتار ڪرڻ بعد پوليس گم ڪري ڇڏيو آهي، جن بابت ڪاوش کي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ميرو شر جيڪو ڌاڙيل سلطو شر جي واسطي وارو آهي کي محمد سچل ملهڻ جي بازيابي جي حوالي سان محمد سچل جي ڪجهه واسطيدار دوستن جي ذريعي ٽياڪڙي ڪرڻ تي راضي ڪيو ويو هو، جيڪو 6 ڏينهن اڳ سلطو ڏانهن وڃي رهيو ته کيس رستي ۾ ميرپورماٿيلي ويجهو ميرپورماٿيلو پوليس ٻن دوستن سميت گرفتار ڪيو، ذريعن موجب گرفتاري وقت ميرو شر وٽ اڍائي لک رپيا به هئا جن بابت چيو پيو وڃي ته اهي پئسا کيس محمد سچل شر جي بازيابي لاءِ ڀنگ جي رقم طور سلطو کي پهچائڻ لاءِ ڏنا ويا هئا، جيڪي کانئس پوليس کسي ورتا آهن، ذريعن موجب پوليس طرفان گرفتار ٿيلن کي ڌاڙيل سلطو شر مٿان دٻاءُ وجهڻ لاءِ ظاهر نه پيو ڪيو وڃي، ٻئي طرف ڪچي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل سلطو شر يرغمالي جي بازيابي لاءِ ميرو شر کي ساڳي حالت ۾ پئسن سميت آزاد ڪري ان ڏانهن موڪلڻ جو شرط رکي ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ رابطي تي اغوا ٿيل محمد سچل جي پٽ اڪبر ملهڻ ڪاوش کي ٻڌايو ته اسان ڪنهن کي به پئسا ناهن ڏنا نه ئي ڀنگ جي رقم ڏينداسين، ميرو شر جي گرفتاري يا ان وٽ پئسا هجڻ بابت اسان کي ڪا خبر ناهي، هوڏانهن اغوا ٿيل ٻين 13 مغوين بابت پڻ اڃا تائين پوليس ڪو تحرڪ ناهي ورتو، جنهن ڪري اوٻاوڙي مان اغوا ٿيل ٽرالر ڊرائيور عبدالفصيح ۽ عبدالواحد، ميرپورماٿيلو واسي پوليس اهلڪار نيڪ محمد ڪولاچي، ڳوٺ شفيع محمد اعواڻ مان اغوا ٿيل سڳا ڀائر رمضان ۽ عطا محي الدين اعواڻ، گهوٽڪي ويجهو اغوا ٿيل روشن ڪلهوڙو ۽ شڪيل ڪلهوڙو اڃا تائين ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن، جڏهن ته پوليس گذريل رات ميرپورماٿيلو ويجهو دادلغاري ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل علي عابد خشڪ جي اغوا بابت پتو ناهي لڳائي سگهي، اهڙي ريت ڏهرڪي تعلقي مان اغوا ٿيل نياز ڪوڀر ۽ شهاب الدين آرائين به ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن، جڏهن ته جسقم اڳواڻ عبدالقيوم اوڳاهي جي اغوا ٿيڻ بابت وارثن تصديق ڪئي، ان سلسلي ۾ جسقم گهوٽڪي جي مقامي اڳواڻ عبدالقيوم اوڳاهي جي ڀاءُ پپو اوڳاهي ڪاوش کي ٻڌايو ته عبدالقيوم اوڳاهي 8 آگسٽ تي ڪراچي کان ڳوٺ ايندي اغوا ٿي ويو آهي، ان ڏينهن کان سندس موبائيل فون بند آهي، ان دوران ڪجهه ماڻهن اسان کي فون ڪري سندس اغوا ٿيڻ بابت پڻ ٻڌايو، پپو اوڳاهي ٻڌايو ته عبدالقيوم اوڳاهي جي اغوا بابت جسقم جي قيادت بشير خان قريشي ۽ ٻين کي آگاهه ڪيو، پوليس کي پڻ ٻڌايو آهي پر اڃا تائين ڪٿان به اسان جي ڪا مدد ناهي ٿي، ان کانسواءِ اسلام آباد کان ڪار تي ايندي رستي مان اغوا ٿيل اوٻاوڙو واسي انساني حقن جي تنظيم جي چيئرمين شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊرائيور حاڪم ڪوري جي ڳولا لاءِ هن وقت تائين سنڌ يا پنجاب جي پوليس ڪا رسمي لکپڙهه واري ڪارروائي به ناهي ڪئي، جنهن ڪري اڃا تائين شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊرائيور جو ڪو ڏس پتو ناهي مليو، جڏهن ته شبير قمبراڻي جيڪو انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ هڪ تنظيم جو چيئرمين آهي، ان جي اغوا بعد ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ ڪنهن انساني حقن جي تنظيم به ڪو تحرڪ ناهي ورتو.
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com 

No comments:

Post a Comment