Saturday, November 13, 2010

گهوٽڪي ضلعي ۾ ڏوهارين جو راڄ، اوٻاوڙو ويجهو 3 ڄڻا اغوا، مغوين جو انگ 15 ٿي ويو

گهوٽڪي ضلعي ۾ ڏوهارين جو راڄ، اوٻاوڙو ويجهو 3 ڄڻا اغوا، مغوين جو 
انگ 15 ٿي ويو. 


 اوٻاوڙو واسي شبير قمبراڻي، ڊرائيور حق نواز، عبدالفصيح ۽ عبدالواحد پٺاڻ اغوا ٿيل آهن. 

اوٻاوڙو (رپورٽ: گل محمد پنهور) 
گهوٽڪي ضلعي ۾ ڏوهاري راڄ، اوٻاوڙو ويجهو ڊرائيور سوڌو 3 ڄڻا اغوا، مغوين جو انگ 15 ٿي ويو، ان سلسلي ۾ اوٻاوڙو ويجهو لانگهو لنڪ روڊ تي گذريل رات ديرسان هٿياربندن چڙهائي ڪري اوٻاوڙو کان ونگڙ ويندڙ ڪار کي روڪي هٿيارن جي زور تي ڪار ڊرائيور سڪندر ڌونڌو ۽ ڪار ۾ سوار ٻه نامعلوم مسافرن کي هٿياربندن اغوا ڪري ورتو ۽ صبح جو ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن خالي ڪار ڏسي اهڙو اطلاع اوٻاوڙو پوليس کي ڏنو ته اوٻاوڙو پوليس خالي ڪار ڪاهي اوٻاوڙو ٿاڻي تي آندي، جڏهن ته اغوا ٿيل مغوين جي لاءِ پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪئي ۽ نه ئي پيرا کنيا، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ٿاڻي جي وڏي منشي ٻڌايو ته ڪار اسان کي خالي هٿ آئي آهي، اها خبر نه آهي ته ڪيترا ماڻهو  اغوا ٿيا آهن، صرف ڊرائيور جو نالو مليو آهي، وڌيڪ ڪا به ڄاڻ نه آهي. ٻئي پاسي رابطي ڪرڻ تي ايس پي او اوٻاوڙو ٻڌايو ته اسان انڪوائري ڪري رهيا آهيون ته هي اغوا ٿيا آهن يا ڪو ڊرامو ٿيل آهي اها حد اسان جي آهي يا ماڇڪي ٿاڻي جي اها خبر به نه پئجي سگهي آهي. هوڏانهن مغوي ڊرائيور جي وارثن ٻڌايو ته سڪندر پوليس اهلڪار محمد علي شاهه جي ڪار ٽيڪسي هلائيندو آهي، هو  اوٻاوڙو کان ونگڙ سواري ڇڏڻ وڃي رهيو هو ته رستي مان هٿياربند کيس اغوا ڪري کڻي ويا آهن پر اوٻاوڙو پوليس هن مهل تائين ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي. هوڏانهن آخري اطلاع تائين اوٻاوڙو ٿاڻي تي اهڙو اغوا جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. جڏهن ته اغوا ٿيل ڪار ۾ سوار ٻن ڄڻن جا نالا هن مهل تائين نه ملي سگهيا، ٽيڪسي اڏي تان ڊرائيورن جو چوڻ آهي ته انهي ڪار ۾ ٻه ڄڻا چڙهيا هئا، جيڪي ڪوري برادري جا ٻڌائي رهيا هئا. 3 ماڻهن جي اغوا کانپوءِ ضلعي مان اغوا ٿيندڙن جو تعداد 15 ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ سرحد ٿاڻي جي حد مان محمد سچل ملهڻ، رمضان، عطا محي الدين، ڏهرڪي مان ڪوڀر برادري جو نياز ڪوڀر، شهاب الدين آرائين، گهوٽڪي ٿاڻي جي حد مان روشن ڪلهوڙو، وسيم ڪلهوڙو، مٺن اوڳاهي جو رهواسي عبدالقيوم اوڳاهي، اوٻاوڙو واسي شبير قمبراڻي، ڊرائيور حق نواز، عبدالفصيح ۽ عبدالواحد پٺاڻ اغوا ٿيل آهن.
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com

No comments:

Post a Comment