Friday, November 12, 2010

سکر ريجن جي پوليس مغوي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام، ”ڪوششون“ جاري آهن:ٽن ضلعن جا ڊي پي اوز

سکر، شڪاپور، لاڙڪاڻي ۽ قمبرشهدادڪوٽ جي پوليس کي هيل تائين مغوين جي بازيابي لاءِ ڪاميابي حاصل ناهي ٿي، پوليس روايتي طريقا استعمال ڪندي ڪجهه ڏوهاري ماڻهن ۽ پاٿاريدارن جي مائٽن تي دٻاءُ وجهڻ به شروع ڪيو آهي ۽ ان کانسواءِ معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڃڻ بعد پوليس تي عدالت جو دٻاءُ به وڌي ويو آهي پر پوءِ به پوليس اڃا تائين ناڪام آهي، ڪجهه ڏينهن پهرين آر پي او سکر  لاڙڪاڻي جا ٽي مغوي بازياب ڪرائڻ لاءِ پوليس
ٽيم جوڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڊي پي او لاڙڪاڻو عرفان بلوچ، ڊي پي او شڪارپور عبدالحميد کوسو، ڊي پي او قمبر-شهدادڪوٽ اظفرمهيسر، ڊي پي او سکر اعتزاز گورايا، ايس پي جاچ لاڙڪاڻو مسرورجتوئي، ايس پي جاچ قمبر-شهدادڪوٽ اعجاز ترين ۽ ايس پي جاچ سکر منير ڦلپوٽو شامل آهن،  ڊي پي او شڪارپور عبدالحميد کوسو جو چوڻ آهي ته اسان سڀني ضلعن جا پوليس آفيسر يرغمالين جي خيريت سان بازيابيءَ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون پر هن وقت تائين اهو پتو نه پئجي سگهيو آهي ته اها واردات ڌاڙيلن جي ڪهڙي ٽولي ڪئي آهي. ايتري خبر پئجي وئي آهي ته اغوا واري واردات سکر ضلعي جي ڳوٺ تماچاڻي ڀرسان ٿي آهي، جڏهن ته ڊي پي او ڪشمور اسد رضا شاهه جو چوڻ آهي ته اغوا ٿيل ڊرائيور ۽ ڪلينر ڪاٺيون کڻڻ لاءِ ميرپور ماٿيلو کان ڀاڙي تي آيا هئا، جن کي هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن، هن ٻڌايو ته صدرالدين گولو، طالب ميراڻي ۽ سرور قاضي کي پنجاب جي حد مان اغوا ڪيو ويو آهي پر اهي ڪشمور ضلعي جا رهواسي آهن ان ڪري سندن بازيابي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، اهڙي طرح لاڙڪاڻي جي ڊي پي او عرفان بلوچ به ڪجهه ڏينهن پهرين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اهو جواب داخل ڪرايو آهي ته مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس ڪوششون ڪري رهي آهي.


The Kawish Group of PublicationB/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com 

No comments:

Post a Comment