Monday, January 17, 2011

شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊرائيور حاڪم سمون جو ڪو به پتو ناهي پئجي سگهيو

گهوٽڪي مان گم ٿيل سيپڪو ملازم اغوا ٿيڻ جي تصديق، 2 مغوي بازياب، 8 ڄڻن جو پتو نه پيو
جڏهن ته شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊرائيور حاڪم سمون ۽ جسقم جي ڪارڪن
 عبدالقيوم اوڳاهي جو ڪو به پتو ناهي پئجي سگهيو.


گهوٽڪي/اوٻاوڙو/ميرپور ماٿيلو (نمائندن وٽان) گهوٽڪي مان گم ٿيل سيپڪو ملازم جي اغوا جي تصديق، ماڇڪو وٽان اغوا ٿيل 2 ڄڻا بازياب، 8 ڄڻن جو پتو نه پيو، ان سلسلي ۾ سکرکان اوٻاوڙو ايندي 3  ڏينهن اڳ گم ٿيل سيپڪو ملازم عبدالغني مهر جي اغوا جي تصديق ٿي آهي، ان ڏس ۾ سيپڪو ملازم جي پٽ محمد ايوب مهر ٻڌايو ته منهنجو پيءُ 3 ڏينهن اڳ سکر مان بدلي ٿي گهوٽڪي آفيس ويل هو، بعد ۾ اسان کي فون آيو آهي ته اوٻاوڙو تعلقي مان کيس اغوا ڪيو ويو
آهي ۽ سندس فون بند ٿي ويو آهي. هوڏانهن ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته سيپڪو ملازم کي موبائيل  فون تي  عورتاڻي آواز ۾ ڳالهائي هٿياربند اغوا ڪري کڻي ويا آهن ۽ وارثن کان  مغوي جي بازيابي لاءِ ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان بابت ڊي پي او ٻڌايو ته هن مهل تائين ضلعي جي ڪنهن به ٿاڻي جي حد مان اغوا جي تصديق نه ٿي آهي صرف وارث ئي ٻڌائي رهيا آهن، انهي بابت انڪوائري جاري آهي. ماڇڪو ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ هڪ ڏينهن اڳ ڳوٺ منظور لولائي مان اغوا ٿيل ٻه ڳوٺاڻا سيپڪو ملازم جميل لولائي ۽ عالمگير لولائي ڌاڙيلن جي چنبي مان راڄوڻين ڪوششن تحت بازياب ٿي گهر پهچي ويا آهن، بدنام ڌاڙيل ٻوڙو ماڇي صحافين کي فون ڪري ٻڌايو ته مغوين منهنجي پيءُ کي مارائڻ لاءِ مخبري ڪئي هئي پر قرآن پاڪ اچڻ ڪري مان مغوين کي ڇڏي ڏنو آهي، هوڏانهن ماڇڪو پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته اسان جي حد مان اغوا نه ٿيا هئا پر پوءِ به اسان مقابلو ڪري ٻئي مغوي بازياب ڪرايا آهن، ان کان اڳ ۾ مغوين جي وارثن منظور احمد لولائي، گل حسن لولائي، قمر الدين لولائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميرپور ماٿيلو پهچي ڊي پي او آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، هوڏانهن اڳ ۾ اغوا ٿيل گهوٽڪي واسي حافظ شمس الدين چاچڙ سندس پٽ ظهير احمد چاچڙ گهوٽڪي ويجهو جهانپور لڳ اغوا ٿيل مولو مهر اڪبر سيال ۽ خانپور مان اغوا ٿيل ٻالڪ شويم ڪمار ۽ ٻه سال اڳ گهوٽڪي مان اغوا ٿيل معصوم ٻالڪ يوسف ميربحر بابت اڃا تائين پوليس ڪو پتو لڳائي ناهي سگهي، جڏهن ته شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊرائيور حاڪم سمون ۽ جسقم جي ڪارڪن عبدالقيوم اوڳاهي جو ڪو به پتو ناهي پئجي سگهيو.

No comments:

Post a Comment