Thursday, January 13, 2011

خانپور مهر جي ٻالڪ ۽ اوٻاوڙو واسي 2 ڄڻن کي پوليس بازياب ڪرائي نه سگهي

خانپور مهر جي ٻالڪ ۽ اوٻاوڙو واسي 2 ڄڻن ک
ي پوليس بازياب ڪرائي نه سگهي
شبير احمد قمبراڻي جي ۽ سندس ڊرائيور حاڪم سمون 4 مهينا گذرڻ باوجود
 سندن ڪو به ڏس پتو نه پيو آهي
نه سگهي، وارث مايوس، ان سلسلي ۾ خانپورمهر مان اغوا ٿي ويل شويم ڪمار 35 ڏينهن گذرڻ جي خانپور مهر/اوٻاوڙو (نمائندن وٽان) خانپور جي ٻالڪ ۽ اوٻاوڙو واسي 2 ڄڻن کي پوليس بازياب ڪرائي باوجود پوليس کيس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، جڏهن ته پوليس مغوي ٻارڙو شويم ڪمار جي وارثن کان ڀنگ طلب ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل سوجهرومهر جي ڳوٺ سعيد مهر تي پوليس ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي آهي پوليس ذريعن جو چوڻ آهي جيستائين مغوي شويم ڪمار جي وارثن کان ڀنگ
طلب ڪندڙ سوجهرو مهر گرفتاري پيش نه ٿو ڪري تيستائين  سندس گهر تي پوليس جي ڪئمپ قائم رهندي هوڏانهن مغوي ٻارڙو شويم ڪمار جي چاچي سورج ڪمار ٻڌايو ته پوليس اسان کي رڳو دلاسا پئي ڏئي پر شويم ڪمار جي بازيابي جي حوالي سان ڪيل ڪوشش بابت ڪجهه به نه ٿو ٻڌايو پيو وڃي، هوڏانهن اوٻاوڙو واسي سئي گئس ملازم شبير احمد قمبراڻي جي ۽ سندس ڊرائيور حاڪم سمون 4 مهينا گذرڻ باوجود سندن ڪو به ڏس پتو نه پيو آهي، مغوين جا ٻارڙا ۽ والدين روئي روئي بيحال ٿي ويا آهن، سندن مدد لاءِ وٽن ڪو به ناهي پهتو، مغوين جي گهرن ۾ سخت مايوسي ڇانيل آهي، پيپلز يوٿ شهيد ڀٽو جي مرڪزي صدر غلام رسول عمراڻي مغوي شبير احمد قمراڻي جي وارثن خان محمد قمبراڻي، احسان علي قمبراڻي سان ملاقات ڪئي ۽ يقين ڏياريو ته مغوين جي بازيابي لاءِ سڄي سنڌ ۾ بازيابي لاءِ احتجاجي تحريڪ شروع ڪندي.




No comments:

Post a Comment