Saturday, January 15, 2011

اوٻاوڙو جو نوجوان بازياب، 8 ڄڻا اڃا گم، سنڌ-پنجاب جي 4 ضلعن جي پوليس طرفان گڏيل آپريشن جو فيصلو

اوٻاوڙو جو نوجوان بازياب، 8 ڄڻا اڃا گم، سنڌ-پنجاب جي 4 ضلعن جي پوليس طرفان گڏيل آپريشن جو فيصلو 
گھوٽڪي/اوٻِاوڙو/ميرپورماٿيلو (نمائندن وٽان) اوٻاوڙو جو نوجوان بازياب، ضلعي جي 8 ماڻھن جو پوليس پتو لڳائي نه سگھي، سنڌ پنجاب جي 4 ضلعن جي پوليس طرفان گڏيل آپريشن جو فيصلو، اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ سوني چاچڙ مان چار ڏينهن اڳ اغوا ٿيل 20 سالن جي نوجوان علي گوهر چاچڙ هٿياربندن جي چنبي مان بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي، اوٻاوڙو پوليس پاران مقابلي جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، ايس پي او اوٻاوڙو اغوا جي تصديق ڪئي آھي،  ان ڏس ۾ بازياب ٿيل مغوي علي گوهر چاچڙ ٻڌايو ته مان پنهنجي ڪمند جي فصل ۾ بيٺل هئس ته پنج هٿياربند اغوا ڪري کڻي ويا ۽ مون کي نامعلوم هنڌ ٺهيل تهه خاني اندر تشدد ڪري واڙي ڇڏيو ۽ ڀنگ لاءِ مون تي تشدد ڪندا هئا مان اتان وجهه وٺي ڀڄي نڪري گهر پهتو آهيان، ھن چيو ته  مون کي اغوا ڪرائڻ ۾ پنهنجي برادري جا ماڻهو ملوث آهن. هوڏانهن مغوي جي وارثن  محمد قاسم ۽ ٻين احتجاج ڪيو ۽ ٻڌايو ته پوليس اسان جو ڪيس داخل نه ٿي ڪري ۽ نه ئي هٿياربند گرفتار ڪري ٿي جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر ڪارروائي نه ٿي ته ڊي پي او گهوٽڪي آڏو احتجاج ڪنداسين، گهوٽڪي ضلعي مان اغوا ٿيل مغوين جي بازيابي جي سلسلي ۾ ڊي پي او گهوٽڪي پيرمحمد شاهه جي هدايتن تي پوليس اٽالن رانوتي واري علائقي ۾ صبح سان چڙهائي ڪئي پر پوليس ڪنهن به مغوي کي بازياب ڪرائي نه سگهي، جڏهن ته پوليس شر برادري جي ٻن ماڻهن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ رکيو آهي، اغوا ٿيل محمد پور جي پيءُ پٽ حافظ شمس الدين چاچڙ ۽ ان جي پٽ ظهير احمد چاچڙ جهانپور ويجهو اغوا ٿيل مولو مهر اڪبر سيال خانپور مهر جي اغوا ٿيل ٻالڪ شويم ڪمار جي بازيابي جي لاءِ اڃا تائين پوليس ڪو نتيجو ڏيندڙ ڪارروائي ڪري نه سگهي آهي، جڏهن ته اغوا ٿيل گهوٽڪي واسين شبير قمبراڻي سندس ڊرائيور حاڪم سمون جسقم ڪارڪن قيوم اوڳاهي ۽ ٻه سال اڳ گهوٽڪي مان لاپتا ٿيل نينگر يوسف ميربحر بابت پڻ پوليس ڪو ڏس پتو لڳائي ناهي سگهي، هوڏانهن گهوٽڪي ۽ پنجاب جي ضلعن رحيم يارخان ۽ راجن پور ضلعن مان اغوا ٿيل مغوين جي بازبابي جي سلسلي ۾ ٻنهي صوبن جي سرحدي پٽي ۾ گڏيل آپريشن ڪرڻ جي سلسلي ۾ چئني ضلعن جي ڊي پي اوز طرفان گڏيل آپريشن جي حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ ڊي پي او گهوٽڪي پير محمد شاهه جي آفيس گڏجاڻي ۾ ڪئي، جنھن ۾ ايس پي او ۽ ٻين عملدارن به شرڪت ڪئي،  جنهن گڏجاڻي بابت ڊي پي او پيرمحمد شاهه ٻڌايو ته گڏجاڻي ۾  سنڌ جي ٻن ضلعن ڪشمور ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي ۽ پنجاب جي ٻن ضلعن رحيم يارخان ۽ راجنپور جي ڊي پي اوز شرڪت ڪئي گڏجاڻي ۾ اهو طئي ڪيو ويو آهي ته ڪجهه ڏينهن جي اندر چئني ضلعن جي سرحدي پٽي ۾ ڏوهارين جي خلاف گڏيل آپريشن شروع ڪيو ويندو، جنهن جي اڳواڻي چئني ضلعن جا ڊي پي اوز ڪندا جڏهن ته ان گڏيل آپريشن جي نگراني ٻنهي صوبن جا آءِ جيز ڪندا ۽ اهو آپريشن چئني ضلعن جي سرحدي پٽي ۾ موجود ڏوهارين جي خاتمي تائين جاري رهندو، ڊي پي او ٻڌايو ته آپريشن شروع ٿيڻ کان اڳ جيڪي ڏوهاري گهوٽڪي رحيم يارخان ڪشمور راجن پور جي سرحدي پٽي تي موجود آهن اهي ڪنهن به ضلعي جي پوليس کي گرفتاري ڏيندا ته ساڻن قانون موجب ورتاءَ ڪيو ويندو، گهوٽڪي ضلعي مان اغوا ٿيل مغوين جي بازيابي جي سلسلي ۾ ڊي پي او گهوٽڪي ٻڌايو ته گهوٽڪي جي اغوا ٿيل پيءُ پٽ کي ڌاڙيل رضن ڪارڙي جي ٽولي اغوا ڪيو آهي، جنهن خلاف ٻن ٽن ڏينهن جي اندر آپريشن شروع ڪيو ويندو، جڏهن ته خانپور مهر جي اغوا ٿيل ٻارڙي شويم ڪمار جي بازيابي جي سلسلي ۾ تمام اهم ڪاميابي ملي آهي، ٻن ڏينهن اندر ان بابت به ميڊيا کي آگاهه ڪيو ويندو، ڊي پي او چيو ته مغوين جي بازيابي جي سلسلي ۾ پوليس چڙهايون ڪري ڪجهه ماڻهو گرفتار ڪيا آهن، ھن چيو ته شبير قمبراڻي ۽ حاڪم سمون پنجاب ۾ گم ٿيا آھن، قيوم اوڳاھي به گھوٽڪي ضلعي مان اغوا ناھي ٿيو.



No comments:

Post a Comment