Thursday, January 20, 2011

گهوٽڪي مان اغوا ٿيل پيءُ پٽ بازياب،ٻالڪ شويم ڪمار سميت 5 ڄڻن جو اڃا پتو نه پيو


گهوٽڪي مان اغوا ٿيل پيءُ پٽ بازياب،ٻالڪ شويم ڪمار سميت 5 ڄڻن جو اڃا پتو نه پيو
شبير قمبراڻي، حاڪم سمون ۽ قيوم اوڳاهي جو پتو ناهي پيو
گهوٽڪي(رپورٽ: الهورايو بوزدار) گهوٽڪي مان اغوا ٿيل پيءُ پٽ بازياب، ٻالڪ شويم ڪمار ۽ گم ڄاڻايل 4 ڄڻن جو اڃا پتو نه پيو، ان سلسلي ۾ گيمڙو ويجهو ڇتي ڍنڍ وٽ هڪ مهينو اڳ گهوٽڪي ويجهو اغوا ٿيل محمد پور لڳ ڳوٺ حاجي محمد يقوب چاچڙ جي رهواسي پيءُ پٽ حافظ شمس الدين ۽ سندس پٽ ظهيراحمد چاچڙ کي بازياب ڪرائي ورتو، بازياب ٿيل يرغمالين جي موجودگي ۾ ايس پي جاچ گهوٽڪي يار محمد رند ايس پي او گهوٽڪي
گل حسن لوهر جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پوليس کي رات جو دير سان اطلاع مليو ته ڌاڙيل يرغمالين کي گيمڙو ويجهو ڇتي ڍنڍ وٽ منتقل ڪري رهيا آهن، جنهن بعد ڇتي ڍنڍ واري علائقي جو گهيرو ڪري ڌاڙيلن سان پوليس مقابلو ڪيو، جنهن دوران ڌاڙيل مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا، جڏهن ته خانپور مهر جو شويم ڪمار، شبير قمبراڻي، حاڪم سمون ۽ قيوم اوڳاهي جو پتو ناهي پيو، گم ٿيل ٻالڪ يوسف ميربحر به اڃا گم آهي، ايس پي جاچ ٻڌايو ته گهوٽڪي پوليس 2 هفتن جي اندر 12 يرغمالين کي بازياب ڪرايو آهي، ٻارڙي شويم ڪمار جي بازبابي لاءِ ڪوششون هلندڙ آهن، اوٻاوڙو واسي شبير قمبراڻي ۽ حاڪم سمون جي وارثن طرفان اوٻاوڙو ٿاڻي تي داخل ڪرايل ڪيس جي جاچ ڪري اسان مظفر ڳڙهه  انتظاميا کي ليٽر تفصيل سان لکيو آهي ته ٻئي ڄڻا مظفر ڳڙهه مان اغوا ٿيا آهن، باقي قيوم اوڳاهي جي اغوا بابت سندس وارثن اسان کي ڪو به اطلاع ناهي ڏنو، ايس پي وڌيڪ چيوته اسان پنجاب جي رحيم يار خان ۽ راجن پور ضلعن جي انتظاميا سان گڏجاڻيون ڪري ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي نالن جي لسٽن جي مٽا سٽا پڻ ڪئي آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٻنهي صوبن جي پوليس طرفان سرحدي پٽي ۾ ڌاڙيلن خلاف گڏيل آپريشن پڻ ڪيو ويندو، ان موقعي تي بازياب ٿيل حافظ شمس الدين چاچڙ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان کي 3 موٽرسائيڪلن تي سوار 9 ڌاڙيلن اغوا ڪيو، جنهن بعد روزانو ٿاڪ مٽائيندا هئا، هن چيو ته ڌاڙيلن جو واسطو چاچڙ برادري سان آهي، جن مان پنج ڄڻا اسان سڃاتا آهن، جن بابت پوليس کي ٻڌايو آهي، هن چيو ته ڌاڙيلن اسان کان 25 لک رپيا ڀنگ جي رقم گهري، جيڪا اسان ڏيڻ جي سگهه نه ساري، جنهن ڪري ڌاڙيل تشدد به ڪندا هئا، هوڏانهن مغوين جي بازيابي بابت ”ڪاوش“ کي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب چاچڙ برادري جي ڪچا پاڙي جي ڪجهه ماڻهن جي گرفتاري ۽ 3 ڏينهن اڳ ايس پي او گهوٽڪي جي آفيس ۾ چاچڙ برادري جي چڱن مڙسن جي گڏجاڻين بعد يرغمالين جي بازيابي ٿي آهي.




No comments:

Post a Comment