Sunday, May 4, 2014

گهوٽڪي جي ٻن ٻارڙن سميت 7 مغوي بازياب نه ٿيا، پوليس پاران خاموشي اختيار


گهوٽڪي (رپورٽ: الهورايو بوزدار) گهوٽڪي جي ٻن ٻارڙن سميت 7 مغوي بازياب نه ٿيا، پوليس پاران خاموشي اختيار، وارثن ۾ روڄ راڙو متل، رپورٽ موجب 2 سيپٽمبر 2010ع تي اسلام آباد مان پنهنجي گهر اوٻاوڙي شهر ڪار تي ايندڙ انساني حقن جو ڪارڪن شبير قمبراڻي ۽ سندس ڊرائيور حاڪم سمون پنجاب جي علي پور ضلعي مظفر ڳڙهه وٽان مبينا طور تي گم ٿي ويو ٻنهي جو هن وقت تائين ڪو پتو ناهي پيو نه ئي وارثن کي ڀنگ لاءِ ڪو نياپو مليو آهي ٻنهي جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي 2009ع جي 10 آگسٽ تي ڪراچي مان پنهنجي ڳوٺ مٺڻ اوڳاهي ايندڙ عبدالقيوم به پراسرار طور تي گم ٿيل آهي جنهن بابت اڄ تائين ڪو پتو ناهي پئجي سگهيو، جڏهن ته 2010ع دوران خانپور مهر ويجهو ڳوٺ لنڊ بازار جو نوجوان رشيد لنڊ پڻ گم ٿيل آهي جنهن جو اڃا تائين خانپور مهر ٿاڻي تي ڪيس به داخل ناهي ٿيو جڏهن ته 2 سال اڳ گهوٽڪي شهر جو 11 سالن جو احسان ميوو پڻ گم ٿي ويو ان کان اڳ به هو گهر مان نڪري ويو هو، جنهن کي ڪجهه ماڻهن ڏسي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جي حوالي ڪيو هو جتان سندس پورهيت والد اطلاع ملڻ تي کيس گهر وٺي ويو هو سندس باري ۾ نينگر جي والد جو چوڻ هو ته پٽ جو ذهني توازن درست ناهي کيس ڪراچي ۾ ايڌي سينٽر سميت ڪيترن ئي هنڌن تي ڳوليو ويو پر سندس ڪو پتو ناهي پيو اهڙي ريت گهوٽڪي جي خانپور مهر بس اسٽينڊ وٽان 5 سالن جو ٻارڙو محمد يوسف ميراڻي 5 سال اڳ لاپتا ٿي ويو، هو پنهنجي والد سان گڏ سکر مان گهوٽڪي جي ڇتو ميراڻي محلي ۾ هڪ شادي جي ڪاڄ ۾ آيو هو. جڏهن ته گذريل هفتي دوران ئي سرحد ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ پراڻي سرحد ۾ چوڪيدار غلام فريد شيخ رات جو گم ٿي ويو آهي جنهن جي وارثن کيس اغوا ڄاڻائيندي قومي شاهراهه تي ڌرڻو پڻ هنيو پر اڃا تائين سندس پتو ناهي پيو. شهري سفر ڪندي پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪرڻ لڳا، جڏهن ته مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس ڪي به قدم نه کنيا آهن.