Monday, January 3, 2011

ميرپورماٿيلو ايندي اغوا ٿيل 5 ڳوٺاڻا ۽ شگر ملز جو ملازم بازياب، گهوٽڪي ضلعي جا 9 ڄڻا اڃا تائين ڌاڙيلن وٽ يرغمال

ميرپورماٿيلو ايندي اغوا ٿيل 5 ڳوٺاڻا ۽ شگر ملز جو ملازم بازياب گهوٽڪي ضلعي جا 9 ڄڻا اڃا تائين ڌاڙيلن وٽ يرغمال

اسلام آباد کان اوٻاوڙو ۽ ڪراچي کان گهوٽڪي ايندي اغوا ٿيل انساني حقن جي تنظيم جا ڪارڪن شبير قمبراڻي۽ حاڪم سمون  اڃا تائين لاپتا بڻيل آهن.

گهوٽڪي/ميرپورماٿيلو (نمائندن وٽان) هفتو اڳ ميرپورماٿيلو ايندي اغوا ٿيل 5 ڳوٺاڻا ۽ 2 ڏينهن اڳ کنڀجي ويل گهوٽڪي شگر ملز جو ملازم بازياب ٿي گهر پهچي ويا، خانپور مهر واسي معصوم نينگر شويم ڪمار سميت گهوٽڪي ضلعي جا 9 ماڻهو اڃا تائين ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن، ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب هڪ هفتو اڳ ڪنڌڪوٽ مان واپس ميرپورماٿيلو ايندي کنڀڙا پوليس ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويل 5 ڳوٺاڻا بشير احمد بوزدار، الهوسايو بوزدار، زين الله بوزدار، گل محمد لاٽڪي ۽ شبير احمد چنڙ بازياب ٿي پنهنجي ڳوٺ ويا آهن، ان سلسلي ۾ ايس پي جاچ گهوٽڪي يار محمد رند پنهنجي آفيس ميرپورماٿيلو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پوليس جي دٻاءُ ۾ اچي ڌاڙيل مغوي ڳوٺاڻن کي ڇڏي ڏنو آهي، هوڏانهن بازياب ٿيل ڳوٺاڻن ڪاوش کي ٻڌايو ته اسان جي اغوا ۾ کنڀڙا پوليس ملوث آهي، هنن چيو ته اسين جڏهن ڪنڌ ڪوٽ کان واپس اچي رهيا هئاسين ته اسان کي کنڀڙا پوليس ٿاڻي جي حد مان 6هٿيار بندن اغوا ڪيو، هنن چيو ته اسان ڌاڙيلن کي سامهون ڏسندي پنهنجا پئسا گاڏي جي سيٽن هيٺان لڪائي ڇڏيا ۽ ڌاڙيل ڦر ڪرڻ بدران اسان کي اغوا ڪري ويا، هنن چيو ته ان وقت اسان کي سامهون پوليس به نظر آئي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته پوليس اسان جي اغوا ۾ ملوث آهي، هنن چيو ته اسان جي ڪار ۽ پئسا پوليس وٽ آهن، هنن وڌيڪ چيو ته ڌاڙيل اسان کي پيادل کڻي ويا ۽ اسان کي ڪمند جي فصل ۾ رکيو ويو، هنن چيو ته ٻن ڏينهن تائين اسان کي ماني به نه کارائي وئي سخت سردي سبب بيمار ٿي پيا آهيون، ڌاڙيل سخت مارڪٽ ڪندا هئا ۽ مختلف وقتن تي هنڌ تبديل ڪندا رهندا هئا هنن چيو ته ڌاڙيل پرهه ڦٽي کان اڳ ۾ داد لغاري پوليس ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ غلام حسين لغاري وٽ اسان کي ڇڏي پاڻ فرار ٿي ويا، هوڏانهن ڄاڻ ملي آهي ته مغوين جي بازيابي راڄوڻي ڪوششن سبب ٿي آهي ۽ علائقي ۾ چئوٻول آهن ته مغوي ڀنگ ڀري آزاد ٿيا آهن، ٻئي طرف 2 ڏينهن اڳ جي ڊي ڊبليو يونٽ ٿري شگرملز گهوٽڪي جي اغوا ٿيل اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ ڪليم الله دشتي کي پوليس يارولنڊ ٿاڻي جي حد مان بازياب ڪرايو آهي ان سلسلي ۾ ايس پي جاچ ڪاوش کي ٻڌايو ته پوليس جي دٻاءَ تحت ڪليم الله کي بازياب ڪرايو ويو آهي، هوڏانهن ڪاوش کي مليل ڄاڻ موجب ڪليم الله کي  فون تي دوکي سان گهرائي يرغمال بڻايو ويو هو، ذريعن موجب ڪليم الله رات جو وجهه وٺي ڌاڙيلن وٽان ڀڄي يارولنڊ ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ پهتو، جتان ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو، اهڙي اطلاع تي ڊي پي او گهوٽڪي پيرمحمد شاهه جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالا ڄاڻايل ڳوٺ پهتا جتان ڪليم الله کي کڻي ميرپور ماٿيلي آندو ۽ سندس وارثن ۽ شگرملز انتظاميا کي سندس بازيابي بابت اطلاع ڏنو، هوڏانهن خانپور مهر مان 8 ڊسمبر تي اغوا ٿيل معصوم ٻالڪ شويم ڪمار جي بازيابي جي سلسلي ۾ ڪالهه ٻالڪ جي والدين سورج ڪمار جي اڳواڻي ۾ گهوٽڪي جي نئين مقرر ٿيل ڊي پي او پيرمحمد شاهه سان ملاقات ڪئي، جنهن بابت سورج ڪمار ڪاوش کي ٻڌايو ته ڊي پي او ٻن ٽن ڏينهن اندر ٻارڙي جي بازيابي جو دلاسو ڏنو آهي پر پوليس جي ڪوششن مان محسوس نه ٿو ٿئي ته شويم ڪمار جي بازيابي جي لاءِ پوليس سنجيده آهي، هن چيو ته معصوم ٻارڙي تقريبن 25 ڏينهن گذري ويا آهن خبر ناهي هو ڪهڙي حال ۾ هوندو هن چيو ته پوليس گرفتاريون به پنهنجي ليکي ڪري پئي اسان کي خبر ناهي ته ڪنهن ڪنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ٻارڙي شويم جي بازيابي جي سلسلي ۾ هن وقت تائين تڪ جي چونڊيل نمائندن طرفان ڪوبه تحرڪ نه ورتو ويو آهي جڏهن ته مختلف حلقا ان عمل تي به حيران آهن ته تڪ جي ايم پي اي جا اغوا ٿيل برادري جا ماڻهو 5 ڏينهن اندر بازياب ٿي سگهن ٿا ته سندس تڪ جي معصوم ٻالڪ جي بازيابي ڇو نٿي ٿي سگهي، هوڏانهن معصوم ٻالڪ جي بازيابي جي حوالي سان خانپور مهر ۾ اثر رسوخ رکندڙماڻهن جي خاموشي به سوال بڻيل آهي، ٻئي طرف گهوٽڪي ويجهو محمد پور کان گهوٽڪي ايندي اغوا ٿيل حافظ شمس الدين ۽ سندس پٽ ظهير احمد چاچڙ گهوٽڪي ويجهو اغوا ٿيل مولو مهر ۽ اڪبر سيال پڻ اڃا تائين ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن جڏهن ته ٻه سال اڳ گهوٽڪي مان لاپتا ٿيل ٻارڙو يوسف ميربحر پڻ لاپتا آهي، هوڏانهن اسلام آباد کان اوٻاوڙو ۽ ڪراچي کان گهوٽڪي ايندي اغوا ٿيل انساني حقن جي تنظيم جا ڪارڪن شبير قمبراڻي، حاڪم سمون ۽ عبدالقيوم اوڳاهي پڻ اڃا تائين لاپتا بڻيل آهن.
پهچي


The Kawish Group of PublicationB/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com 

No comments:

Post a Comment