Friday, December 31, 2010

2010 For Sindh

الهورايو بوزدار
انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ ٻن ڪتابن جو مصنف شبير قمبراڻي پڻ پنهنجي ڊرائيور حاڪم سمون سميت سيپٽمبر 2010 کان لاپته بڻيل آهي

سال 2010ع سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعن ۽ ٽارگيٽ ڪلنگز سان شروع ٿيو ۽ اهو سلسلو سڄو سال هلندو رهيو، اٽڪل چوڏهن سئو ماڻهو صرف  هڪ سال دوران ڪراچي ۾ دهشتگردن هٿان ٽارگيٽ ڪري نشانو بڻائي ماريا ويا، ڪجهه موقعن تي هڪ ئي ڏينهن مارجي ويل ماڻهن جو تعداد هڪ سئو کان به ڪراس ڪري پئي ويو، هڪ ئي وقت ايترا ماڻهو ان وقت به مارجي ويا جڏهن ته هڪ
پارٽي جو ايم پي اي قتل ٿي ويو، اهڙي ريت سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعن ۽ بم ڌماڪن جي واقعن سان گڏ سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو  شڪارپور ضلعي جي هڪ ڳوٺ ۾ به خودڪش حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي جنهن جي نتيجي ۾ خودڪش حملو ڪندڙ پاڻ مارجي ويو ۽ ڪجهه پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، جڏهن ته هن ئي سال سنڌ جي دادو ضلعي ۾ بم ڌماڪي ۾ پڻ انساني حياتيون موت جو کاڄ بڻجي ويون،  اهڙي ريت هلندڙ سال دوران وقفي وقفي سان سنڌ ۾ ريلوي ٽريڪ تي پڻ بم ڌماڪا ڪيا ويا جنهن دوران جيتوڻيڪ ڪو جاني نقصان نه ٿيو پر ڪراچي ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرينن جي آمدرفت سخت متاثر ٿيندي رهي جنهن دوران هڪ سياسي پارٽي جي ڪارڪنن کي اهڙن ڌماڪن ۾ ملوث هجڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو، سنڌ ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ جتي ڪيترن ئي مسڪين ماڻهن  کي قتل ڪيو ويو ، اتي قبيلائي  دهشتگرديءَ جي واقعن جي اڳيان به ڪو فل اسٽاپ   اچي نه سگهيو ۽ هلندڙ سال جي آخري مهيني جي آخري هفتي دوران به سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ قبيلائي دهشتگردي سبب بي گناهه ماڻهو قتل ٿيندا رهيا، سنڌ جي گهوٽڪي، ڪشمور، سکر، خيرپور، لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، نواب شاه ۽ ٻيا ضلعا قبيلائي دهشتگردي جي نشاني تي رهيا، هلندڙ سال دوران نه صرف سکر ريجن ۾ قبيلائي دهشتگردي جا واقعا عام ٿيندا رهيا جنهن ۾ مختلف برادري جي هٿياربندن طرفان هڪٻئي جي ڪيترن ئي ماڻهن کي معمولي ڳالهين تان قتل ڪري ڇڏيو پر خونريزي جو اهو خطرناڪ رجحان حيدرآباد ريجن ۾ به ڦهلجي ويو،  اهڙي ئي هڪ واقعي ۾ قاضي احمد ويجهو ٻن ڌرين ۾ پنج کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا گهوٽڪي ضلعي ۾ هلندڙِ ڪوش ۽ سولنگي برادري جي ڌرين ۾ هلندڙ خوني قبيلائي تڪرار جنهن ۾ لڳ ڀڳ هڪ سئو ماڻهو مارجي ويا اهو تڪرار پڻ ساڳي سنگين نوعيت سان جاري رهيو،  اهڙي ريت ضلعي ۾ ڪجهه واقعن ۾ هڪ ئي واقعي ۾ ٽي کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿيندا رهيا جنهن ۾ هڪ واقعي ۾ خانپور مهر ويجهو معصوم ٻارڙي سميت پنج ماڻهو قتل ٿي ويا، هلندڙ سال دوران  قبيلائي دهشتگردي جي واقعن ۾ گهوٽڪي ضلعي ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ عورتن کي پڻ قتل ڪيو ويو جڏهن ته هلندڙ سال دوران به قبيلائي دهشتگردي جي واقعن دوران قانون جي حڪمراني بجاءِ سنڌ ۾ جاگيردارن ۽ ڀوتارن جي اوطاقن ۽ بنگلن تي جرڳا به منعقد ٿيندا رهيا جڏهن ته رياستي انصاف جي ادارن طرفان قبيلائي دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث ڪنهن جوابدار کي سزا ڏيڻ جو ڪو واقعو سامهون نه آيو،  اهڙي ريت سال 2010 سنڌ ۾ هڪ دفعو وري امن امان جي حوالي سان ڌاڙن ۽ اغوائن جو سلسلو به تيز ٿي ويو، هن سال ۾ سڄي سنڌ مان ماڻهن جي اغوائن جي واقعن ۾ اضافو ٿيو ۽ ڪيترائي ماڻهو سال جي آخر تائين بازياب نه ٿي سگهيا ۽ انهن جي وارثن جو احتجاج جاري رهيو ۽ راڄوڻي ڪوششون به جاري رهيون،  آگسٽ ۾ آيل تباهي ڦهلائيندڙ ٻوڏ دوران ئي  ڪجهه حلقن ان صورتحال جي نشاندهي ڪئي هئي ته ٻوڏ بعد ڪچي جي ماڻهن جي پڪي ڏانهن منتقلي ۽ ڌاڙيلن جي پناه گاهن جي تبديلي ۽ پيدا ٿيندڙ بک ۽ بدحالي جي نتيجي ۾ ڏوهن جي شرح وڌي سگهي ٿي پر سرڪار طرفان ان طرف ڌيان نه ڏيڻ سبب ڌاڙيلن طرفان ڪارروايون تيز ڪيون ويون، نتيجي ۾ هن وقت به گهوٽڪي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اغوا ٿيلن جو تعداد ويهن کان وڌيڪ آهي، هن وقت صرف گهوٽڪي ضلعي مان هڪ معصوم ٻارڙي سميت ڇهه ماڻهو اغوا ٿيل آهن جڏهن ته سال دوران اغوا بعد ڀنگ عيوض مغوين جي بازيابي جا سلسلا به جيئن جو تئين جاري رهيا، 2010ع دوران به سنڌ جي مختلف ضلعن خاص ڪري گهوٽڪي ضلعي ۾ موبائيل فون تي ڇوڪرين جي آواز ۾ ڳالهائي ماڻهن کي دوکي سان گهرائي يرغمال بڻائڻ جو سلسلو جاري رهيو گهوٽڪي ضلعي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي هڪ وڏي آفيسر جي پٽ سميت ٽيهارو ماڻهن کي ساڳي نموني سان گهرائي يرغمال بڻايو ويو، جن مان قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي آفيسر جي پٽ سميت صرف ڪجهه ئي خوشنصيب ڳري رقم جي عيوض بازياب ٿي سگهيا اڃا به ويهارو ماڻهن جي يرغمال هجڻ جا اطلاع آهن، جيڪي ماڻهو دوکي ۾ اچڻ بعد ڳري رقم عيوض بازياب ٿيا انهن ۾ برطانوي شهريت رکندڙ ميرپورخاص جو هڪ رهواسي به شامل آهي، جنهن جي بازيابي جي قيمت اطلائن موجب پنجاهه لک کان وڌيڪ ادا ڪئي آهي_اغوائن جي واقعن سان گڏ سنڌ ۾ انڊس هاءِ وي، نيشنل هاءِ وي ۽ لنڪ روڊن تي مسافر گاڏين کان ڦرلٽ جي واقعن ۾ به ڪا ڪمي نه آئي، ٻوڏ کان اڳ ۽ ٻوڏ کان پوءِ انڊس هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي تي اهڙا واقعا راتين جو معمول بڻيل رهيا مسافرن جي روپ ۾ بسن ۾ چڙهي مسافرن کي ڦرڻ جا واقعا به  عام ٿيندا رهيا، ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم کي روڪڻ انتظاميه جي وس کان ئي ٻاهر نڪري ويو،  اهڙن ڏوهن کان تنگ ٿي تاريخ ۾ پهريون دفعو گهوٽڪي جي شهرين ٽن ڏينهن تائين لاڳيتو گهوٽڪي شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري احتجاج ڪيو،  نتيجي ۾ انتظاميه امن امان جي صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ بدران پرامن احتجاج ڪندڙ شهرين تي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ چالان ٿيڻ جهڙا ڪيس داخل ڪيا، 2010ع هونءَ ته معاشري جي سڀني طبقن جي لاءِ قدرتي توڙي انساني واقعن سبب مصيبتن جو سال رهيو پر اقليتن، ٻارڙن ۽ عورتن جي لاءِ به 2010 سٺو سال ثابت نه ٿيو، سانگهڙ، جيڪب آباد، حيدرآباد، نوشهروفيروز ۾ ٻارڙن کي جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪرڻ جا ڀيانڪ واقعا به ٿيا، جڏهن ته سنڌ ۾ ٻارڙن جي اغوا جي واقعن ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو خاص ڪري سنڌ بلوچستان واري پٽي وارو ضلعو ڪشمور ڪنڌڪوٽ اهڙن اغوائن جو مرڪز رهيو، جڏهن ته ٺل جي فضيلا سرڪي کي به هن سال به بازيابي نصيب نه ٿي، ٻارڙن جي اغوائن جا واقعا جيڪب آباد  ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعن ۾ ٿيڻ جو اثر سنڌ جي ٻين ضلعن تي به پيو ۽ اهڙن اثرن مان گهوٽڪي ضلعو به محفوظ نه رهيو،  هلندڙ سال دوران گهوٽڪي جي خانپور مهر شهر مان وقفي وقفي سان ٻه ٻارڙا اغوا ٿيا جن مان هڪ ٻارڙو شيوم ڪمار اڃا تائين ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهي،  اغوا جي اهڙن واقعن مغوي ٻارڙن جي ڪٽنبن کي هڪ نه کٽندڙ مصيبت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي،  اهڙي ريت هلندڙ سال قيدي ٻارڙن جي تڪليفن ۾ به ڪا ڪمي نه آڻي سگهيو، سنڌ جي ٽن شهرن ڪراچي، حيدر آباد ۽ سکر ۾ هن وقت گهٽ عمر وارن قيدن جو تعداد 262 آهي، سنڌ حڪومت هلندڙ سال دوران ٻارڙن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن جي اڳواڻن سان اهو واعدو ڪيو هو ته سکر جي سينٽرل جيل 2 (شهر جي اندر قائم جيل)کي صرف ننڍي عمر وارن قيدين جي جيل ۾ تبديل ڪري سکر ۾ به حيدرآباد ۽ ڪراچي وانگر ننڍي عمر وارن قيدين جو الڳ جيل ٺاهيو ويندو، جنهن سان جيلن جي اندر ننڍي عمر وارن قيدين جي تڪليفن ۾ گهٽائي اچڻ سان گڏ جيلن ۾ جهيڙن جو ماحول گهٽجي ويندو، جنهن تي اڃا تائين عمل نه ڪيو ويو، جڏهن ته پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ ٻارڙن جي قانوني حقن بابت قانونن تي عمل نه ڪيو ويو، سنڌ ۾ هلندڙ سال دوران عورتن جي مٿان تشدد، ڪاروڪاري ۾ عورتن جي قتل ۽ اجتمائي جنسي ڏاڍائي جي واقعن ۾ به تمام گهڻو اضافو ٿيو، عورتن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن جي اڳواڻن مهناز رحمن ۽ ملڪه خان جيڪي سال دوران عورتن مٿان ٿيندڙ تشدد جي واقعن بابت معلومات گڏ ڪنديون رهيون آهن انهن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ هلندڙ سال جيتوڻيڪ ڪاروڪاري جي واقعن ۾ پنجاب جي ڀيٽ ۾ واقعا گهٽ ٿيا آهن پر عورتن خاص ڪري ٻارڙين سان جنسي ڏاڍائي جا واقعا انتهائي ڇرڪائيندڙ آهن اهڙي ريت سنڌ ۾ کپري،  گمبٽ ۽  دادو ۾ عورتن سان جنسي حوس جي ٿيل واقعن متاثر ڪٽنبن کي ذهني ۽ جسماني عذابن ۾ مبتلا ڪرڻ سان گڏ سڄي معاشري جي معصوم عورتن ۽ سندن گهرڀاتين کي ڊيڄاري ڇڏيو،  هلندڙ سال دوران ئي سنڌ ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل فونز کي عورتن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي لاءِ ان حد تائين استعمال ڪيو ويو جو ڇوڪريون خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويون، اهڙو هڪ واقعو دادو ۾ رپورٽ پڻ ٿيو،  اهڙي ريت هلندڙ سال دوران به ٻارڙين کي سڱ چٽي ۾ ڏيڻ ۽ ننڍي عمر ۾ ٻارڙين جون شاديون ڪرائڻ جا واقعا پڻ ٿيندا رهيا، سنڌ ۾ سال 2010 به پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙن جي لاءِ سٺو سال نه رهيو، ڪجهه هنڌن تي ڪجهه سال اڳ پرڻيل جوڙن کي قتل ڪيو ويو جڏهن ته گهوٽڪي ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري کي ڪوٽ ۾ قيد ڪيو ويو پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان جي مائٽ عورتن ۽ مردن کي اغوا ڪيو ويو ۽ هي سال به گذرندي ڪيترن ئي نارين کي مختلف پناهه گاهن ۾ ڇڏي ويو جيڪي پسند جو پرڻو ڪرڻ سبب گهرن ۽ ورن کان ڏور ڪيل آهن، سال 2010 دوران سنڌ ۾ اقليتون قرار ڏنل ڌرتي ڌڻين کي به ڪيترن مصيبتن کي منهن ڏيڻو پيو نه صرف سنڌ ۾ هندو برادري جا نوجوان توڙي ٻارڙا اغوا ٿيندا رهيا پر اهڙن واقعن دوران ڌاڙيلن طرفان ڀنگ جي رقم نه ملڻ سبب سکر ضلعي ۾ هڪ نوجوان جو گوليون لڳل لاش اماڻيو ويو،  اهڙن واقعن هندو برادري ۾ انتهائي سخت بيچيني ڦهلائي ڇڏي جڏهن ته هلندڙ سال دوران ئي ڪراچي مان اغوا ٿيل ڊاڪٽر شام ڪمار جي اغوا ڪراچي جي هندو برادري جي ماڻهن سميت  سڄي سنڌ واسين ۾ خوف واري ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي آهي ڇوته سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ۾ سنڌي هندن جي اغوا جي واقعن سان عام سنڌ واسي پاڻ کي پنهنجي ديس جي گادي واري هنڌ ۾ غيرمحفوظ سمجهڻ لڳن ٿا،جنهن بعد گهوٽڪي ۽ ٻين ضلعن مان پڻ هندو برادري جي ماڻهن جي اغوا جا واقعا ٿيا، سال 2010 دوران سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ لاپته ڪرڻ جو سال به رهيو هن سال دوران جتي ڪيتري وقت کان لاپته ڪيل جسقم اڳواڻ آڪاش ملاح جو ڪو پتو نه پيو،  اتي جسقم گهوٽڪي جو ڪارڪن عبدالقيوم اوڳاهي پڻ آگسٽ مهيني کان لاپته آهي، اهڙي ريت انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ ٻن ڪتابن جو مصنف شبير قمبراڻي پڻ پنهنجي ڊرائيور حاڪم سمون سميت سيپٽمبر 2010 کان لاپته بڻيل آهي_اهڙي ريت  سال 2010ع سنڌ ۾ صحافين جي مٿان پڻ بدترين تشدد ۽ شهادتن جو سال رهيو،  هلندڙ سال جي آخري مهيني دوران ميرپورخاص ۾ سينئر صحافي سلطان محمود چانڊيو کي شهيد ڪيو ويو،  ان کان اڳ گمبٽ جي نوجوان صحافي عاشق منگي کي هٿياربندن بيدرديءَ سان شهيد ڪري ڇڏيو نه صرف اهو پر ساڳين ئي جوابدارن ڪجهه مهينن بعد شهيد صحافي جي ڀاءَ مٺل منگي کي ڪيس تان هٿ نه کڻڻ جي ڪري گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو،  ان کان سواءِ مختلف هنڌن تي صحافين مٿان تشدد جا واقعا پڻ ٿيا سامارو ۾ نوجوان صحافي سريش ڪمار مٿان تشدد ڪيو ويو جڏهن ته ڪيترن ئي هنڌن تي صحافين جي مٿان ڪيس پڻ داخل ٿيا_اهڙي ريت سال 2010 جنهن دوران سنڌ مجموعي طور تي ٻوڏ جي تباه ڪارين مان گذري لکين سنڌ واسي بي گهر ٿيا دربدر ٿي سرڪار جي بي ڌياني سبب ڪئمپن ۾ ننڌڻڪائپ جا ڏينهن گهارڻ تي مجبور ٿيا، ٻوڏ کان اڳ ۽ ٻوڏ کان پوءِ سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ جي واقعن ۾ ڪابه ڪمي نه آئي.



No comments:

Post a Comment