Friday, December 31, 2010

گهوٽڪي جا 12 مغوي بازياب نه ٿيا، سردارن طرفان راڄوڻي ڪوششون شروع، ماٿيلي ۾ مظاهرا

گهوٽڪي جا 12 مغوي بازياب نه ٿيا، سردارن طرفان راڄوڻي ڪوششون شروع، ماٿيلي ۾ مظاهرا
شبير قمبراڻي ۽ حاڪم سمون جي وارثن ٻيهر سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس کي درخواست مغوين جي بازيابي جي لاءِ پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي،
گهوٽڪي/ميرپور ماٿيلو (نمائندن وٽان) گهوٽڪي ضلعي جا 12 مغوي بازياب نه ٿيا، سردارن ۽ چڱن مڙسن طرفان راڄوڻيون شروع، ميرپور ماٿيلي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾  ڪنڌڪوٽ کان پنهنجي ڳوٺ ڳڙهي ايندي واٽ تان اغوا ٿيل پنج ڄڻن الهه وسايو بشير احمد زينل گل محمد ۽ شبير بوزدار جي ڳولا لاءِ برادري جي سردار رحيم بخش بوزدار جي اڳواڻي ۾ آغا احمد يار شر، شهر يار علي شر ۽ سيد اصغر شاهه جي اڳواڻي ۾ مختلف برادري جي چڱن مڙس اوٻاوڙو تعلقي ۾ مزاري، ڪوش، سولنگي، شر ۽ سيلرا برادرين جي چڱن مڙسن وٽ پهچي مدد جي اپيل ڪئي، جنهن بابت بشير احمد جي ڀاءُ اصغر علي بوزدار ٻڌايو ته مختلف برادري جي چڱن مڙسن سهڪار جو يقين ڏياريو آهي جڏهن ته کنڀڙا پوليس اسان جي ڪابه مدد نه پئي ڪري، هن چيو ته کنڀڙا جو ايس ايڇ او ڪريم بخش لاکو پهرين رات کان وٺي اسان کي شڪي لڳي رهيو آهي، هوڏانهن بوزدار برادري جي چڱن مڙسن جو ڪالهه شام جو ڳڙهي چاڪر ۾ فنڪشنل مسلم ليگ جي ايم پي اي رحيم بخش بوزدار جي بنگلي تي ڪٺ ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اڄ پهچندڙ گهوٽڪي جي نئين ڊي پي او پيرمحمد شاهه سان ملاقات ڪري صورتحال بابت آگاهي ڏني ويندي، جيڪڏهن پوليس ڪا مدد نه
 ڪئي ته برادري طرفان احتجاج ڪيو ويندو، هوڏانهن گهوٽڪي ويجهو محمد پور مان گهوٽڪي ايندي اغوا ٿيل پيءُ پٽ حافظ شمس الدين ۽ ظهير احمد چاچڙ، جهانپور ميلي تي ايندي اغوا ٿيل مولو مهر، اڪبر سيال ۽ خانپور مهر جي اغوا ٿيل ٻارڙي شويم ڪمار کي به پوليس بازياب ڪرائي ناهي سگهي، هوڏانهن ڪراچي کان ڳوٺ ايندي اغوا ٿيل جسقم ڪارڪن عبدالقيوم اوڳاهي جي بازيابي جي سلسلي ۾ جسقم گهوٽڪي ضلعي جي صدر نصرالله ڪلادي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن عبدالقيوم اوڳاهي جي گهر پهچي سندس ڀاءُ پپو اوڳاهي سان ملاقات ڪري معلومات ورتي جنهن کين ٻڌايو ته گيمڙو پوليس عدالتي حڪم تي اغوا جو ڪيس داخل نه پئي ڪري جنهن بعد جسقم اڳواڻ نصرالله ڪلادي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪن پوليس اسٽيشن گيمڙو پهتا جتي ايس ايڇ او موجود  نه هجڻ سبب ڪيس داخل نه ٿيو، ٻئي طرف شبير قمبراڻي ۽ حاڪم سمون جي وارثن ٻيهر سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس کي درخواست اماڻي اپيل ڪئي آهي ته مغوين جي بازيابي جي لاءِ پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي، ايس ٽي پي پاران ميرپور ماٿيلو ۾ نواز جلباڻي، عاجز گبول، زاهد جلباڻي ۽ علي گوهر گبول جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڀٽائي چوڪ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن اغوا ٿي ويل معصوم شويم ڪمار جي بازيابي جو مطالبو ڪيو.

Ref: Dailykawish, Juma 31 Dec 2010

The Kawish Group of PublicationB/2 Civil Line  Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525   Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com   ----     thekawish_hyd@yahoo.com 

No comments:

Post a Comment