Friday, December 31, 2010

سنڌ تي بدامني جو راڄ،اغوا وارداتون وڌي ويون

سنڌ تي بدامني جو راڄ،اغوا وارداتون وڌي ويون
انساني حقن جي ڪارڪن شبير قمبراڻي سندس ڊرائيور حاڪم سمون
 اڃا تائين ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن


سال 2010ع دوران سڄي سنڌ بدامني جي لپيٽ ۾ رهي، هر ننڍي وڏي شهر جو ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ سمجهي ٿو، سنڌ جي ڪيترن ئي وڏن ضلعن ۾ اغوا جون وارداتون چوٽ چڙهيل رهيون ۽ پوليس جو ڪردار هڪ تماشائي وارو رهيو آهي، سڄي سال ۾ سئو کان وڌيڪ ماڻهن کي مختلف هنڌن تان اغوا ڪيو ويو، جن مان ڪجهه مغوي ڀنگ ڀري گهر موٽيا جڏهن ته ٻارڙن سميت ڪيترائي مغوي اڃا تائين ڌاڙيلن جي چنبي ۾ قيد آهن، جنوري کان ڊسمبر 2010ع تائين سنڌ ۾ ڪو اهڙو شهر يا ڳوٺ محفوظ نه بچيو آهي، جتان اغوا جي واردات نه ٿي هجي، ڪنڌڪوٽ ۽ قمبر- شهدادڪوٽ ضلعن ۾ معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪرڻ جي وارداتن ۾ اضافو ٿيو، جتان ابهم ٻارڙن جي اغوا جا واقعا معمول جي ڳالهه بڻجي ويا، ٺل مان اغوا ٿيل ٻارڙي فضيلا سرڪي جو پوليس ڪيترن ئي مهينن کانپوءِ پتو لڳائڻ ۾ ناڪام وئي، جڏهن ته ٺل تعلقي مان ٻيا به 3 ماڻهو اغوا ڪيا ويا، ڪنڌڪوٽ ضلعي مان گذريل ڪجهه مهينن اندر ٽن ڄڻن کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا پر پوليس سندن بازيابيءَ لاءِ ڪابه ڪوشش نه ورتي، ڪنڌڪوٽ شهدادڪوٽ ۾ به ڌاڙيل اغوا جون وارداتون ڪندا رهيا. گهوٽڪي ضلعي جا 15 کان وڌيڪ ماڻهو هن وقت تائين ڌاڙيلن وٽ قيد آهن، جن جا وارث شديد ڳڻتيءَ ۾ ورتل آهن ۽ سندن گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي. سڄو سال اغوا جي وارداتن مان اغوا ٿيل ماڻهن ۾ ٻارڙا به شامل آهن.  پوليس جي ڪارڪردگي انتهائي نااهلي واري رهي، جيڪا ڪنهن کان به لِڪل ناهي، مغوين جا وارث پنهنجي پيارن جي بازيابيءَ لاءِ سڄو سال احتجاج ڪندا رهيا پر ڪنهن به
سندن دانهن نه ورنائي، نوشهروفيروز ضلعي جي شهر ڦل مان درزڪو ڪم ڪندڙ نوجوان عمران جوکيو کي ڌاڙيل بدران پوليس ئي کنڀي گم ڪري ڇڏيو، جنهن جي 7 مهينا گذرڻ باوجود ڪا خبر چار ناهي ۽ پوليس به کيس ظاهر ڪرڻ يا سندس بابت ڪابه ڳالهه ٻڌائڻ کان بلڪل انڪاري آهي. سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ تي غير محفوظ بڻيل آهن، اغوا جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ وارداتن کين گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کان به خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، هر شهر جا روڊ رستا ۽ بازارون هاڻي رونقن بدران ويراني جي ور چڙهي ويون آهن. 2011ع لاءِ سنڌ ۾ پوليس ۽ حاڪمن جي ڪارڪردگي ڏسي امن لاءِ فقط دعا ئي ڪري سگهجي ٿي.


Ref: thekawish.com
Juma 31 Dec 2010

1 comment: