Monday, May 23, 2011

گهوٽڪي مان اغوا ٿيل 5 ڄڻا اڃا ڌاڙيلن وٽ قيد، پوليس بازيابيءَ خاطر ڪو تحرڪ نه ورتو

گهوٽڪي(رپورٽ:الهورايو بوزدار) 2سيپٽمبر 2010ع تي اسلام آباد کان ڳوٺ اوٻاوڙو ايندي انساني حقن جي هڪ تنظيم جو ڊائريڪٽر شبير قمبراڻي ۽ ڪار ڊرائيور حاڪم سمون سميت اغوا ٿي ويو، سندس وارثن طرفان عدالتي حڪم تي اوٻاوڙي ٿاڻي تي ٻنهي جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو ويو، جنهن تي جاچ پوليس گهوٽڪي ٻنهي ڄڻن کي پنجاب جي ضلعي مظفرڳڙهه مان اغوا ڄاڻائيندي  ڪيس مان هٿ ڪڍي ڇڏيا بعد ۾ مغوي شبير جي ڀاءُ خان محمد طرفان پنجاب هاءِ ڪورٽ جي ملتان بينچ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي، جنهن تي ملتان بينچ ملتان ۽ مظفر ڳڙهه جي ڊي پي اوز کي حڪم ڏنو ته  مغوين جي ڳولا ڪئي وڃي پر هن وقت تائين سنڌ توڙي پنجاب جي پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي
لاءِ گهوٽڪي پوليس طرفان ڪنهن به قسم جو ڪو تحرڪ ناهي ورتو ويو، نه ئي يوسف ميراڻي جي ڳولا جي لاءِ پوليس جي ڪا ٽيم جڙيل آهي، جنهن ڪري سکر ۾ رهندڙ ڊرائيور عبدالڪريم ميراڻي ۽ سندس ڪٽنب پنهنجي جگر جي ٽڪري جي لاءِ هاڻ صرف دعائون ئي گهري رهيا آهن، جڏهن 2سيپٽمبر 2010ع تي اسلام آباد کان ڳوٺ اوٻاوڙو ايندي انساني حقن جي هڪ تنظيم جو ڊائريڪٽر شبير قمبراڻي ۽ ڪار ڊرائيور حاڪم سمون سميت اغوا ٿي ويو، سندس وارثن طرفان عدالتي حڪم تي اوٻاوڙي ٿاڻي تي ٻنهي جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو ويو، جنهن تي جاچ پوليس گهوٽڪي ٻنهي ڄڻن کي پنجاب جي ضلعي مظفرڳڙهه مان اغوا ڄاڻائيندي  ڪيس مان هٿ ڪڍي ڇڏيا بعد ۾ مغوي شبير جي ڀاءُ خان محمد طرفان پنجاب هاءِ ڪورٽ جي ملتان بينچ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي، جنهن تي ملتان بينچ ملتان ۽ مظفر ڳڙهه جي ڊي پي اوز کي حڪم ڏنو ته  مغوين جي ڳولا ڪئي وڃي پر هن وقت تائين سنڌ توڙي پنجاب جي پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جڏهن ته 8 آگسٽ 2010ع تي گهوٽڪي ويجهو ڳوٺ مٺڻ اوڳاهي جو رهواسي جسقم ڪارڪن عبدالقيوم اوڳاهي ڪراچي مان ڳوٺ ايندي رستي مان اغوا ٿي ويو، جڏهن ته پوليس اهو ڪيس داخل نه ڪيو، ان سلسلي ۾ مغوي جي ڀاءُ پپو اوڳاهي جو چوڻ آهي ته عبدالقيوم اوڳاهي جي اغوا بعد گهوٽڪي جي هڪ ٿاڻي جي ايس ايڇ او کانئس ڏهه لک رپيا ڀنگ ڌاڙيل سلطو شر جي نالي تي گهري هئي ۽ هن اسان کي سلطو سان ملايو به هو پر بعد ۾ ايس ايڇ او ۽ سلطو ٻئي ڦري ويا، عبدالقيوم اوڳاهي جي اغوا بعد سندس امڙ پڻ صدمي ۾ فوت ٿي وئي آهي، جڏهن ته گذريل سال آگسٽ دوران ئي خانپور مهر ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ لنڊ بازار جو نوجوان عبدالرشيد لنڊ پڻ اغوا ٿيو جيڪو هن وقت تائين بازياب ناهي ٿيو نه ئي پوليس سندس اغوا جو ڪيس داخل ڪيو آهي.

 


No comments:

Post a Comment