گهوٽڪي جا 12 مغوي بازياب نه ٿيا، سردارن طرفان راڄوڻي ڪوششون شروع، ماٿيلي ۾ مظاهرا شبير قمبراڻي ۽ حاڪم سمون جي وارثن ٻيهر سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس کي درخواست مغوين جي بازيابي جي لاءِ پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي، ڪئي ته برادري طرفان احتجاج ڪيو ويندو، هوڏانهن گهوٽڪي ويجهو محمد پور مان گهوٽڪي ايندي اغوا ٿيل پيءُ پٽ حافظ شمس الدين ۽ ظهير احمد چاچڙ، جهانپور ميلي تي ايندي اغوا ٿيل مولو مهر، اڪبر سيال ۽ خانپور مهر جي اغوا ٿيل ٻارڙي شويم ڪمار کي به پوليس بازياب ڪرائي ناهي سگهي، هوڏانهن ڪراچي کان ڳوٺ ايندي اغوا ٿيل جسقم ڪارڪن عبدالقيوم اوڳاهي جي بازيابي جي سلسلي ۾ جسقم گهوٽڪي ضلعي جي صدر نصرالله ڪلادي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن عبدالقيوم اوڳاهي جي گهر پهچي سندس ڀاءُ پپو اوڳاهي سان ملاقات ڪري معلومات ورتي جنهن کين ٻڌايو ته گيمڙو پوليس عدالتي حڪم تي اغوا جو ڪيس داخل نه پئي ڪري جنهن بعد جسقم اڳواڻ نصرالله ڪلادي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪن پوليس اسٽيشن گيمڙو پهتا جتي ايس ايڇ او موجود نه هجڻ سبب ڪيس داخل نه ٿيو، ٻئي طرف شبير قمبراڻي ۽ حاڪم سمون جي وارثن ٻيهر سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس کي درخواست اماڻي اپيل ڪئي آهي ته مغوين جي بازيابي جي لاءِ پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي، ايس ٽي پي پاران ميرپور ماٿيلو ۾ نواز جلباڻي، عاجز گبول، زاهد جلباڻي ۽ علي گوهر گبول جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڀٽائي چوڪ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن اغوا ٿي ويل معصوم شويم ڪمار جي بازيابي جو مطالبو ڪيو. |
Ref: Dailykawish, Juma 31 Dec 2010 The Kawish Group of PublicationB/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan. Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167 Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com |
Friday, December 31, 2010
گهوٽڪي جا 12 مغوي بازياب نه ٿيا، سردارن طرفان راڄوڻي ڪوششون شروع، ماٿيلي ۾ مظاهرا
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
No comments:
Post a Comment